خواجه/ خواجا/کوجا: خواجه، خوجا يا کوجا، اصل ۾ هندو لوهاڻن، ڀاٽين، وئشن، کترين ۽ هندن جي هيٺين جاتين مان هئا، جيڪي لاڙ سنڌ، ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ اڪثريت سان رهندا هئا. چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ هڪ اسماعيلي داعي پير صدرالدين (1290ع- 1409ع)، مٿين ڄاڻايل هندو جاتين کي مسلمان ڪري، کين خواجه جو لقب ڏنو، جيڪو مقامي اُچار موجب بدلجي، خوجا/ کوجا ٿي ويو. خواجه لفظ جو مفهوم هو واپاري. خوجه/ خوجا لفظ اصل ۾ فارسي زبان جو لفظ آهي ۽ هنديءَ ۾ ’ٺاڪر‘ يا ’سردار‘ جي هم معنيٰ آهي. هن وقت خوجه/ خواجا ٽن مسلڪن ۾ ورهايل آهن:
(1) اسماعيلي خوجا، جيڪي هز هائينس آغان خان کي پنهنجو مذهبي اڳواڻ ۽ امام الزمان مڃين ٿا، انهن جو هن وقت وڏو تعداد سنڌ، ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ، بنگلاديش ۽ آفريڪا جي هر حصي، آمريڪا، برطانيا، فرانس، آسٽريليا، ٿائيلينڊ، سري لنڪا کان سواءِ روس ۽ باقي دنيا جي هر ملڪ م آباد آهن. سندن تعداد هڪ ڪروڙ کن آهي. (2) سني خوجا، جيڪي گهڻو ڪري بمبئيءَ ۾ رهن ٿا. (3) اثنا عشري خوجا، جيڪي بمبئي، زنجبار ۽ سنڌ ۾ رهن ٿا. اثنا عشري خوجا پهرين ’پڙائي‘ خوجا سڏبا هئا. سني ۽ اثنا عشري خوجا، آغا خان کي پنهنجو مرشد تسليم نٿا ڪن. خوجا واپاري ۽ خوشحال طبقي سان واسطو رکن ٿا.