خواجه شيخ عبداللطيف لنواريءَ وارو: خواجه شيخ عبداللطيف ولد خواجه گل محمد، خواجه محمد زمان ثانيءَ جو ننڍو ڀاءُ ۽ خليفو هو. پنهنجي ڀاءُ وٽان فيض ۽ تلقين حاصل ڪيائين. شروعات واري زماني ۾ مٿس ڪو اهڙو وقت به گذريو، جو بلڪل مسڪين ٿي ويو، ايتري قدر جو سخت سرديءَ جي موسم ۾ به مٿي ۽ پيرين اگهاڙو گهمندو وتندو هو ۽ هميشه هي شعر زبان تي هوندو هئس:
گل را چه مجال است که گويد به گلال،
از بهر چه سازي و از بهر چه شکني.
هڪ دفعي حج جي سفر تي روانو ٿيو، جڏهن مڪي پهتو، پنهنجي هڪ دوست کي چوڻ لڳو ته اڳ ۾ ڪعبي جي زيارت جو شوق هو، هاڻي هتي پهچڻ کانپوءِ پنهنجي مرشد جي ديدار جو شوق ٿيو آهي. سندس عادت هئي ته سردي جي موسم ۾ تمام گهڻيون گودڙيون، رليون ۽ ڪپڙا پاڻ وٽ جمع ڪري رکندو هو ۽ ضرورتمندن کي ورهائي ڏيندو هو. هيءُ بزرگ، طبع جو حليم، حيادار ۽ وڏو زاهد هو. رات ڏينهن نفلن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. هڪ دفعي پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مرشد کي عرض ڪيائين ته مون خواب ڏٺو آهي ته اسان ٻنهيءَ مان هڪڙو هن سال وفات ڪندو. دعا گهري اٿم ته اوهان شال زندهه رهو ۽ آئون گذاري وڃان. ستت ئي بيمار ٿي پيو، آخري وقت ۾ جڏهن سندس ڀاءُ خواجه محمد زمان ثاني سندس مٿان اچي پڇيو ته ڇا حال آهي؟ جواب ۾ چيائين:
من بجان فنا شدم چه غم است
غرض اندر ميان سلامت اوست
ايئن چئي ڪعبي ڏي منهن ڪري مُرڪيو ۽ 15 شعبان 1236هه مطابق 18 مئي 1821ع ۾ وفات ڪيائين.
1821.05.18 عيسوي
خواجه شيخ عبداللطيف لنواريءَ وارو15 شعبان 1236هه مطابق 18 مئي 1821ع ۾ وفات ڪئي.