خواجه عبدالحئي نقشبندي: مشهور بزرگ خواجه عبدالحئي ولد مخدوم شهاب الدين نقشبندي 18 اپريل 1765ع ۾ نوشهري فيروز ۾ ڄائو. هي پنهنجي وقت جو وڏو عالم بزرگ ٿي گذريو آهي، جهوڪ شريف واري بزرگ حضرت صوفي فضل الله شاهه قلندر جو معتقد هو. سڄيءَ سنڌ سان گڏ پنجاب، ايران، عراق، قنڌار ۽ هندستان جو سير ڪيو هئائين. وحدت الوجود جي فلسفي جو وڏو داعي هو. سندس فرزند شاهه نصير به سنڌ ۾ انهيءَ مسلڪ کي عام ڪيو. خواجه عبدالحئي کي فقهه ۾ ملڪو حاصل هو. سندس فتوائون سمورن عالمن لاءِ قابل قبول هيون. کيس شاعريءَ جو به شوق هو. سنڌي، فارسي، اردو ۽ هندي زبانن ۾ ڪافي ڪلام چيائين، جيڪو ڪافين تي مشتمل آهي. پاڻ 98 ورهين جي وڏي عمر ۾ 7 جمادي الاول 1280هه/ 20 آڪٽوبر 1863ع تي وفات ڪئي. سندس خاص خليفن ۾ ’ عثمان فقير سانگي‘، ’خوش خير محمد هيسباڻي‘ ۽ ’فقير هري سنگهه‘ ’عاصي‘ جا نالا قابل ذڪر آهن. سندس درگاهه تي هر سال ميلو لڳندو آهي.
1765.04.18 عيسوي
مشهور بزرگ خواجه عبدالحئي ولد مخدوم شهاب الدين نقشبندي 18 اپريل 1765ع ۾ نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
1863.10.20 عيسوي
خواجه عبدالحئي نقشبندي 98 ورهين جي وڏي عمر ۾ 7 جمادي الاول 1280هه/ 20 آڪٽوبر 1863ع تي وفات ڪئي.