خواجه عبدالحميد: مشهور صوفي بزرگ خواجه عبدالحميد جو اصل نالو خواجه عبدالله هو. اجمير شريف جي پيرن مان هو. صوفي شاهه عنايت شهيد کان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ آيو ۽ سندس خليفو بڻيو. جڏهن جهوڪ جي جنگ شروع ٿي ته ان وقت شاهه عنايت کيس حڪم ڏنو ته، ”تون واپس اجمير هليو وڃ، تون ڪنهن وڏي ڪم ايندين“ حڪم تي عمل ڪندي اجمير هليو آيو. صوفي تحريڪ جي تذڪره نگار قاضي
غلام مهدي پنهنجي ڪتاب ’انيس المساڪين‘ ۾ لکيو آهي ته، ”هن خليفي شاهه عنايت جي حڪم موجب دهليءَ جي بادشاهه کان پروانو وٺي
عزت الله شاهه کي گاديءَ تي ويهاريو“. ٻئي هنڌ ڄاڻائي ٿو ته: شاهه عنايت جي شهادت بعد ڪلهوڙن ميرانپور کي باهه ڏياري هئي ۽ حڪم جاري ڪيو هو ته جيڪو صوفيءَ جو سر لاهي آڻي ڏيندو، ته ان کي پنج رپيا انعام ڏنو ويندو. ان حڪم جي ڪري ڪو به صوفيءَ جو ويس پهري نه پئي سگهيو. اها خبر جڏهن اجمير ۾ خليفي عبدالحميد ٻڌي ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ دل ۾ خيال آيس ته صوفي شاهه عنايت کيس اجمير موڪلي، جنگ ۾ ان لاءِ شهيد ٿيڻ نه ڏنو. ان ڪري شايد اهو ئي حڪم آهي ته ڪلهوڙن جي ظلم خلاف آواز اٿاريان. اهو سوچي دهليءَ جي بادشاهه محمد شاهه وٽ وڃي کيس ڪلهوڙن جي ظلم بابت آگاهي ڏنائين. دهليءَ جي بادشاهه حڪم جاري ڪيو ته، ”اڄ کان پوءِ ڪو به صوفين کي شهيد نه ڪندو، اهي ڀل پنهنجو طريقو جاري رکن ۽ ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿيڻ گهرجي.“ خليفو اهو حڪم کڻي ميرانپور آيو ۽ عزت الله کي گاديءَ تي ويهاري واپس اجمير ويو، جتي وفات ڪيائين سندس مزار اجمير شريف ۾ آهي.