خواجه عبدالرحمان تارڪ طُريل: خواجه عبدالرحمان عرف تارڪ طُريل جو شمار ٻارهين صدي هجريءَ جي بزرگن ۾ ٿئي ٿو. هي سلطان باهورح (1039هه-1102هه) جو پير ڀائي هو. هن بزرگ نوابي ڇڏي فقيري اختيار ڪئي، چيو وڃي ٿو ته اصل ۾ خراسان جي هڪ علائقي جو نواب هو ۽ پٽڪي جو طرو وڏو رکندو هو. تصوف جي رنگ چڙهڻ کان پوءِ هن حشمت واري پٽڪي جي طُري کي ترڪ ڪري ڇڏيو، پر مٿس ’تارڪ طُريل‘ جو لقب پئجي ويو. هن سلوڪ جي تڪميل سيد عبدالرحمان قادري دهلويءَ وٽ ڪئي ۽ مرشد جي حڪم موجب شڪارپور ۾ قيام ڪيائين. کيس اولاد نه ٿيو. سندس خليفن مان سيد محمد شاهه مشهور آهي، جيڪو سندس مزار جي اتر طرف هڪ مسجد جي ٻاهران دفن آهي. خواجه عبدالرحمان تارڪ طريل جي مزار شڪارپور جي ڍڪ بازار لڳ اوڀر طرف آهي. جوڻيجا ابن ڏاڏن کان هن مزار جا متولي آهن ۽ فقير سڏائين. روايتن موجب هن بزرگ جي وفات يارهين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ يا ٻارهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ ٿي.