خواجه محمد زمان (ٻيو): حضرت خواجه محمد زمان (ٻيو) ولد خواجه گل محمد تيرهين صدي هجريءَ جي انهن برگزيده اوليائن ۽ عالمن مان هو، جن جي روحاني ۽ علمي شهرت سنڌ جي حدن مان نڪري، ٻاهرين اسلامي ملڪن تائين پهتي. غوث علم جي لقب سان مشهور هن بزرگ 1199هجري/ جولاءِ 1785ع ۾ جنم ورتو. روايت آهي ته جن فقيرن سلطان اولياء خواجه محمد زمان اول کي ڏٺو هو، تن جو چوڻ هو ته خواجه محمد زمان ثاني شڪل شباهت ۽ ٻين وصفن ۾ هوبهو پنهنجي ڏاڏي جھڙوهو. سندس والد جو منجھس ساهه هوندو هو. گادي نشينيءَ وقت سندس عمر اوڻيهه ورهيه مس هئي. اڃا سال کن مس گذريو ته 1804ع ۾ شاهه شجاع الملڪ سنڌ تي ڪاهي آيو. خواجه صاحب حملي جي ڪري اتان نڪري وڃي ٻئي علائقي ۾ رهيو. مڪان ۽ درگاهه جو سڀ اسباب لٽجي ويو. هن حادثي کان پوءِ بچاءَ واسطي کين ڪوٽ اڏائڻ جو خيال ٿيو ۽ اهو ڪم شروع ڪري ڏنائين، جيڪو 1881ع ڌاري جڙي راس ٿيو.
پر ستت ئي ڪن حاسدن ان وقت جي ٽالپر حاڪم مير غلام علي خان کي وڃي ورغلايو ته اهو ڪوٽ انگريزن جي مالي امداد سان اڏايو ويو آهي. مير کي شڪ جاڳيو ۽ مٿان وري کيس جڏهن اها خبر پئي ته خواجه پنهنجي فرزند جي مائٽي ڪڇ جي جاڙيجن مان چوائي آهي ته هيڪاري سندس شڪ وڌي ويو. ڇو ته ان وقت انگريزن جي ڀڄ ۾ واپاري ڪوٺي قائم هئي. خواجه صاحب گھڻو ئي مير صاحب کي سمجهايو، پر مير تي اثر نه ٿيو ۽ پنهنجا ماڻهو موڪلي ڪوٽ ڀڃائي ڀور ڪرائي ڇڏيائين. هن واقعي کان هڪ ورهيه پوءِ خواجه صاحب 1812ع ۾ حج لاءِ روانو ٿيو. ساڻس گڏ چاليهه ساٿي هئا. 1830ع خواجه حرمين کان موٽي ڳوٺ پهتو. خواجه صاحب وقت جو وڏو عالم هو. خواجه عبداللطيف چوندو هو ته حضرت جن جو هڪڙو هڪڙو سخن
قرآن شريف جي آيتن موافق هوندو هو. ڪڏهن به طمع نه رکيائين ۽ نه وقت جي حاڪمن آڏو هٿ ٽنگيائين. وٽس جيڪي پيسو ڏوڪڙ هوندو هو، ان کي بيت المال ۾ جمع ڪري غريبن جي پرگهور لهندو هو.