خواجه مير درد

خواجه مير درد

خواجه مير درد

خواجه مير درد: خواجه مير بن خواجه محمد ناصر عندليب، اردوءَ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. هن 1133هه/1721ع ۾ دهليءَ ۾ جنم ورتو. والد جي وفات کان پوءِ مسند نشين ٿيو. دهلي سلطنت جي تباهيءَ واري دور ۾ حملي وقت موجود هو. تفسير، حديث، تصوف ۽ ٻين علمن جي ڄاڻ رکڻ سان گڏ موسيقيءَ ۾ به مهارت رکندو هو. هر مهيني جي ٻين ۽ 24 تاريخ تي هن وٽ سماع جي محفل ٿيندي هئي، جنهن ۾ عالم ۽ امير شريڪ ٿيندا هئا. هن هڪ سئو يارهن عنوانن تي تصوف جون رمزون ۽ معاملا بيان ڪيا آهن. آزاد ’آب حيات‘ ۾ لکي ٿو ته: ”درد جي شاعريءَ جو بنيادي امتياز اهو آهي ته تصوف جهڙو هن لکيو. اردوءَ ۾ اڄ تائين ڪنهن به ناهي لکيو“. درد جي غزلن ۾ صوفياڻن خيالن سان گڏ مجازي عشق به نظر اچي ٿو. انهن ۾ مجاز ۽ حقيقت گڏ گڏ نظر اچن ٿا. هن جي فارسي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ اردو شاعري بهتر آهي. فارسيءَ ۾ سندس رباعيون زبردست آهن. مشهور جرمن اسڪالر اينيمري شمل سندس صوفياڻي شاعريءَ ۽ موضوعن جي ڀيٽ شاهه لطيف سان ڪرڻ خاطر هڪ ڪتاب ‘Pain and Grace’ لکيو هو، جنهن ۾ هن لفظ Pain مير درد لاءِ ۽ Grace شاهه لطيف لاءِ استعاري طور استعمال ڪيا آهن. هن 24 صفر 1199هه/ 6 جنوري 1785ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ خواجه مير دردھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1785.01.06  عيسوي

مير خواجه درد 24 صفر 1199هه/ 6 جنوري 1785ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رودڪي
ٻڍل فقير
عبدالحئي ڀٽو
خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو
ميرغلام رسول ٽالپرغريب
عنصري
سليم جعفر
شاهه احمد غوري
محمد حسين شوقي ٺٽوي
حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون