خواجه گل حسن (پير بادشاهه)

خواجه گل حسن (پير بادشاهه)

خواجه گل حسن پير بادشاهه

خواجه گل حسن (پير بادشاهه): خواجه گل حسن امام العارفين جو فرزند هو. هي تمام وڏو اهل الله ۽ درگاهه لنواريءَ جو ستون مسند نشين ٿي گذريو آهي. خواجه گل حسن، 30 آگسٽ 1909ع تي لنواري، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. باهمت ۽ خوش اخلاق ۽ سنجيده مزاح هو. هميشه حق ۽ سچ جي پرچار ڪيائين. وٽانئس ڪڏهن به ڪو سوالي خالي نه موٽيو. پير علي محمد راشدي پير صاحب بابت لکيو آهي ته: ”حضرت پير بادشاهه خواجه گل حسن هڪ ڪامل پير سان گڏ هڪ سٺو انسان پڻ هو. پاڻ اعليٰ پايي جو درويش ۽ جامع الصفات پير هو. هِن جهڙو پير وري سنڌ ڪونه ڏسندي.“ پير صاحب 44 سال مسند تي رهيو. هن پنهنجي ڳوٺ کي بجلي، واٽر سپلاءِ، هاءِ اسڪول ۽ گرلس مڊل اسڪول جهڙيون سهولتون ڏياريون. غريبن ۽ اميرن کي هڪ نظر سان ڏسندو هو، مريدن ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ نه رکندو هو. غريب شاگردن کي ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺي ڏيندو هو ۽ بيمارن جي علاج جو خرچ ڀريندو هو. شريعت جو پابند، مريدن کي نماز، روزي جي سختيءَ سان تاڪيد ڪندو هو. قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. پنهنجي وقت جو سٺو حڪيم به هو، حڪمت جي اعليٰ ڊگري به حاصل ڪئي هئائين. گھڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هو. عيد يا ڪنهن خاص ڏينهن تي دوستن ۽ مريدن کي سوکڙيون پاکڙيون موڪلي ڏيندو هو. غير معمولي ذهانت جو مالڪ هو. کيس سنڌي، گجراتي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ تي عبور حاصل هو. هن فقير صفت بزرگ 16 سيپٽمبر 1982ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.08.30  عيسوي

خواجه گل حسن امام العارفين جو فرزند هو. هي تمام وڏو اهل الله ۽ درگاهه لنواريءَ جو ستون مسند نشين ٿي گذريو آهي. خواجه گل حسن، 30 آگسٽ 1909ع تي لنواري، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.


1982.09.16  عيسوي

فقير صفت بزرگ خواجه گل حسن 16 سيپٽمبر 1982ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادريس عليه السلام
حارث بن عميرازدي
فقير الله علوي
حوا
حسني قادري پير غلام شاهه جيلاني
حسين شاهه ڪاڇيلاڻي
حاجي سومرو درويش
حفصه رضه
حذيفه رضه بن اليمان
حسني قادري زين العابدين شاهه جيلاني
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون