خواجڪي سنڌي

خواجڪي سنڌي

خواجڪي سنڌي

خواجڪي سنڌي: سومرن جي دور جي اسماعيلي بزرگ ۽ شاعر پير صدرالدين، پنهنجن نون مسلمان پوئلڳن/ اسماعيلين لاءِ ديني اصول ۽ عقيدا تحرير ڪرڻ واسطي ديوناگري خط سان هڪ نئون رسم الخط ايجاد ڪيو، جيڪو چاليهه اکرن تي مشتمل هو، جنهن کي ‘چاليهه اکري’ يا ‘خواجڪي سنڌي’ چيو وڃي ٿو. هي خط اڄ تائين خواجن/ اسماعيلين ۾ رائج آهي. بمبئيءَ ۾ هن رسم الخط جو ڇاپخانو به قائم هو، جنهن کي ’سنڌي پريس‘ چيو ويندو هو. هي هڪ سڌريل رسم الخط چيو وڃي ٿو.
خواجڪي لپي، پدي قسم جو رسم الخط آهي. جنهن ۾ ”اَ“ جو لاڪنو موجود آهن هن وقت هن رسم الخط ۾44 حرف صحيح يا وينجن ۽ 10 حرف علت آهن. اصل ۾ هن لپيءَ ۾ حرف صحيح جا 40 اکر ۽ حرف علت جا 8 اکر هئا، جن ۾ ورهاڱي کان پوءِ ف لاءِ هڪ اکر، ذ، ض،ظ ۽ ز لاءِ هڪ اکر، خ لاءِ هڪ اکر ۽ غ لاءِ هڪ اکر شامل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻٽن حرف علت لاءِ به ٻه اکر شامل ڪيا ويا. هن لپي ۾ نرم تارونءَ وارا (Velar) 5 آواز، سخت تارونءَ وارا (Palatal) 5آواز، مور ڌني (Cerebrals) 5 آواز، ڏنداوان (Dental) 5 آواز، ٻن چپن وارا (Bilabial) 5 آواز، چُــــوسـڻـا ڌمـاڪـيـدار (Inplosive) 4 آواز، گهڪيدار (Fricative) 4 آواز، نيم سرن (Semi-vowels, liquids and flaps) جا 4 آواز ۽ ٻٽا حرف صحيح (Rhotacised) 3 ٿين ٿا ۽ اهڙي نموني هاڻي هن لپيءَ ۾ حرف صحيح جا 44 اکر ۽ حرف علت جا 10 اکر آهن. هيءَ لپي عربي لپيءَ کان اڳ سڄيءَ سنڌ ۾ رائج هئي. هن وقت جتي به اسماعيلي جماعت آهي، هيءَ لپي استعمال ڪئي وڃي ٿي.


لفظ خواجڪي سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو