خواجہ احمد دمائي

خواجہ احمد دمائي: خواجہ قاضي احمد دمائي 1112 ھہ/ 1700ع ڌاري تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري جي ڳوٺ ’احمدين‘ ۾ پيدا ٿيو. هيءُ ڳوٺ ٽلٽيءَ جي ڀرسان آهي. ابتدائي تعليم پنھنجي والد محمد صديق کان ورتائين. ان کان پوءِ سيوهڻ جي مشھور عالم علامہ عبدالواحد صديقي پاٽائيءَ کان سيوهڻ ۾ تعليم ورتائين. تعليم مڪمل ڪري، ديھہ دِم، تعلقي قاضي احمد، ضلعي نوابشاھہ (موجودہ بينظيرآباد) ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، کيس لاکاٽ پرڳڻي جو قاضي مقرر ڪيو ويو.
خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جو مريد ٿيو. خواجہ قاضي احمد دمائيءَ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن ۾: ’شوق نامہ‘ ۽ ’مڪتوبات شريف‘ مشھور آهن، جيڪي فارسيءَ ۾ لکيل آهن. عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم هو. سندس عربيءَ ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڏانهن لکيل خط دستياب ٿيو آهي.
16 ذوالقعد 1223 ھہ/ 3 جنوري 1809ع ۾ 109 سالن جي وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر قاضي احمد شھر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1809.01.03  عيسوي

16 ذوالقعد 1223 هه/ 3 جنوري 1809ع ۾ 109 سالن جي وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر قاضي احمد شهر ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آڍو خان جتوئي
ڀاسڪر آچاريه
پريتم پياسي
جاجگا اٽيفيٽي
رحيم خان پرانگ
عاشر عظيم
درازي سخي قبول محمد ٽيون
نذير احمد سومرو پروفيسر
انيس خورشيد ڊاڪٽر
سريندر ناٿ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون