خواجہ احمد دمائي: خواجہ قاضي احمد دمائي 1112 ھہ/ 1700ع ڌاري تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري جي ڳوٺ ’احمدين‘ ۾ پيدا ٿيو. هيءُ ڳوٺ ٽلٽيءَ جي ڀرسان آهي. ابتدائي تعليم پنھنجي والد محمد صديق کان ورتائين. ان کان پوءِ سيوهڻ جي مشھور عالم علامہ عبدالواحد صديقي پاٽائيءَ کان سيوهڻ ۾ تعليم ورتائين. تعليم مڪمل ڪري، ديھہ دِم، تعلقي قاضي احمد، ضلعي نوابشاھہ (موجودہ بينظيرآباد) ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، کيس لاکاٽ پرڳڻي جو قاضي مقرر ڪيو ويو.
خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جو مريد ٿيو. خواجہ قاضي احمد دمائيءَ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن ۾: ’شوق نامہ‘ ۽ ’مڪتوبات شريف‘ مشھور آهن، جيڪي فارسيءَ ۾ لکيل آهن. عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم هو. سندس عربيءَ ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڏانهن لکيل خط دستياب ٿيو آهي.
16 ذوالقعد 1223 ھہ/ 3 جنوري 1809ع ۾ 109 سالن جي وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر قاضي احمد شھر ۾ آهي.
1809.01.03 عيسوي
16 ذوالقعد 1223 هه/ 3 جنوري 1809ع ۾ 109 سالن جي وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر قاضي احمد شهر ۾ آهي.