خواجہ امام الدين مجددي شڪارپوري: خواجہ امام الدين ولد خواجہ نظام الدين 1773ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. هيءُ پير نظام الدين اولياءَ جي خاندان مان هو. پنھنجي والد جي وفات بعد درگاھہ جو گادي نشين ٿيو. شڪارپور ۾ هزاري دروازي جي ٻاهران حويلي ۽ ڪوٽ تعمير ڪرايائين ۽ عام ماڻهن کي درس ۽ تدريس ڏيئي خلق خدا جي خدمت ۾ مصروف رهيو. هن بزرگ وٽ هر وقت عالمن جون مجلسون متل رهنديون هيون. فارسيءَ جو شاعر بہ هو.