خواجہ باقي بالله: مشھور بزرگ ۽ عالم خواجہ باقي باالله جو مڪمل نالو سيد رضي الدين احمد عبدالباقي هو ۽ سندس والد جو نالو قاضي سيد عبدالسلام هو. خواجہ باقي باالله 971ھہ مطابق 1564ع ڌاري ڄائو. سمرقند ۾ فقھ، حديث، تفسير ۽ ٻين ديني علمن جي تحصيل ڪيائين. خواجہ محمد امڪنگيءَ جو مريد ۽ خليفو هو. خواجہ محمد جي مزار امڪنگ (ترڪستان) ۾ آهي ۽ نقشبندي سلسلي جو مشھور بزرگ هو. خواجہ باقي باالله ترڪستان ۽ لاهور کان ٿيندو دهليءَ پهتو ۽ درس تدريس ۾ مشغول رهيو، هو ٿورو ڳالهائيندڙ، ٿورو کائيندڙ ۽ ٿوري ننڊ ڪندڙ بزرگ هو. حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي، خواجہ باقي ﷲ جو خليفو هو ۽ ان کان ئي هند سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جي اشاعت عام ٿي. خواجہ باقي باالله 26 جمادي الاول 1012ھہ مطابق 22 آڪٽوبر 1603ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار دهليءَ ۾ آهي.
1603.10.22 عيسوي
خواجه باقي باالله 26 جمادي الاول 1012هه مطابق 22 آڪٽوبر 1603ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار دهليءَ ۾ آهي.