خواجه بهاءُ الدين

خواجه بهاءُ الدين

خواجہ بھاءُ الدين

خواجہ بھاءُ الدين: خواجہ بھاءُ الدين نامور عالم ۽ نقشبندي سلسلي جو باني هو. سندس والد جو نالو جلال الدين هو. هُن 4 محرم 718ھہ مطابق 8 مارچ 1318ع تي ايران جي شھر بخارا ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي عام ٻارن کان مختلف هوندو هو. کيس باطني علم حضرت امير گلال کان عطا ٿيو، جنهن سندس ظاهري تربيت بہ ڪئي هئي. جنهن ڪري هن حضرت امير گلال پنهنجو مرشد مڃيو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ سندس والد صاحب کيس بابا سماسي جي خدمت ۾ موڪليو، جنهن وٽان فيض حاصل ڪيائين. بابا سماسيءَ کان پوءِ سمرقند جي بزرگن جي صحبت اختيار ڪيائين. اتان پوءِ بخارا آيو. اتي رهائش اختيار ڪري شادي ڪيائين. روزگار لاءِ ڪپڙا اڻڻ ۽ انهن تي نقش ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ غاليچن ٺاهڻ جو ڪارخانو قائم ڪيائين. غاليچن تي مختلف قسمن جا نقش چٽيندو هو، انهيءَ نسبت سان ماڻهن کيس نقشبند سڏڻ شروع ڪيو. هو پنھنجي مرشد جي چوڻ تي ستن سالن تائين مولانا عارف ديوگريءَ جي صحبت ۾ بہ رهيو. جنهن بعد ڇھن سالن تائين مشھور بزرگ خليل جي صحبت ۾ رهيو، جيڪو ان وقت ماوراءُ النهر جو بادشاھہ مقرر ٿيو. اها حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ بخارا ويجهو ’انورتون‘ نالي ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿيو. طريقت جي تربيت کيس حضرت امير گلال کان ملي، پر حضرت عبدالخالق غجدوانيءَ کان بہ روحاني فيض حاصل ڪيائين. پرهيزگار بزرگ هوندو هو. هرات جو والي شاھہ معز الدين لوائي سندس مريد ٿيو. هن بزرگ 3 ربيع الاول 791ھہ مطابق 2 مارچ 1389ع تي وفات ڪئي، سندس مزار قصر ’عارفان‘ ۾ آهي.


لفظ خواجہ بھاءُ الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1318.03.08  عيسوي

خواجه بهاءُ الدين نامور عالم ۽ نقشبندي سلسلي جو باني هو. سندس والد جو نالو جلال الدين هو. هُن 4 محرم 718هه مطابق 8 مارچ 1318ع تي ايران جي شهر بخارا ۾ جنم ورتو.


1389.03.02  عيسوي

هن بزرگ 3 ربيع الاول 791هه مطابق 2 مارچ 1389ع تي وفات ڪئي، سندس مزار قصر ’عارفان‘ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانواڻي روچيرام تيرٿداس
ٻانھون خان شيخ
عزيز مصر
عـاقـب جـاويـد
شرمين عبيد چناءِ
زوار بسنت
حسين شھيد سھروردي
عذرا سرور ڪنڌر
سردار بھادر محمد بخش ڪوجهي
دائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون