خواجه حسن بصري جو مقبرو

خواجه حسن بصري جو مقبرو

خواجہ حسن بصري

خواجہ حسن بصري: مشھور بزرگ خواجہ حسن بصري 21ھہ/ 642ع ۾ بصري شھر ۾ پيدا ٿيو، سندس ڪنيت ابو محمد ۽ ابو سعيد هئي. تصوف ۾ کيس وڏو درجو حاصل هو. ’روضة الاحباب‘ ۾ ڄاڻايل آهي تہ: ”خواجہ حسن جي والد هجرت جي ٻارهين سال حضرت ابوبڪر رضہ جي هٿ تي اسلام قبوليو ۽ سندس والدہ ام المومنين بيبي اُم سلمه جي دعا سبب خواجہ حسن بصري 130 اصحابين جي صحبت مان فيض پرايو ۽ خلق خدا جو پيشوا ٿيو. حضرت علي عليہ السّلام جڏهن بصري پهتو، تہ کانئن خواجہ حسن بصريءَ گهڻو پرايو ۽ شريعت ۽ طريقت جو علم حاصل ڪيو. ان کان پوءِ خواجہ حسن بصري هميشہ حضرت علي عليہ السّلام جي خدمت ۾ رهندو هو. بصري ۾ جنهن هنڌ خواجہ حسن بصري حضرت علي عليہ السّلام کان فيض پرايو ۽ علم حاصل ڪيو، ان هنڌ کي هاڻي ’باب السلطنت‘ چيو وڃي ٿو.
شام شھر جي سفر دوران خواجہ حسن بصريءَ تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي، جو سندس دل ۾ خدا جي قرب کانسواءِ ڪا بہ خواهش باقي نہ رهي. ان کانپوءِ عبادت الاهيءَ ۾ مشغول رهيو ۽ دنيا کان گوشه نشين ٿي ويو.
خواجہ حسن بصري هفتي ۾ هڪ دفعو وعظ ڪندو هو. وعظ واري ڏينهن منبر تي چڙهي ڏسندو هو، جيڪڏهن بيبي رابعہ بصري موجود هوندي هئي تہ وعظ ڪندو هو نہ هوندي هتي تہ وعظ نہ ڪندو هو ۽ منبر تان لھي ايندو هو. هڪ شخص کانئن پڇيو: ”اوهان مجلس ۾ ماڻهن جو انبوه ڏسي خوشي ٿيندا هوندؤ!“ خواجہ حسن جواب ڏنو: ”آءٌ ماڻهن جي انبوه کي ڏسي خوش نہ ٿيندو آهيان، ليڪن اهل دل ۽ درويش ماڻهن کي ڏسي خوش ٿيندو آهيان“.
روايت آهي تہ هڪ ڀيري بصري ۾ سخت ڏڪار پيو، ماڻهن خواجہ حسن بصريءَ کي دعا گهرڻ لاءِ درخواست ڪئي. خواجہ صاحب هڪدم خواجہ ڪميل ابن زياد وٽ ويو ۽ وڃي عرض ڪيائين تہ: ”اي استاد معظم! اچو تہ گڏجي ڏڪار جي خاتمي لاءِ رب العزت جي بارگاھہ ۾ ٻاڏايون.“ چون ٿا تہ حضرت خواجہ ڪميل ۽ خواجہ حسن بصريءَ جي دعا مقبول ٿي ۽ ملڪ ۾ بارش وسي. حضرت خواجہ بصري جا شاگرد ۽ پوئلڳ سندس سلسلي کي جاري رکندا آيا. هن عظيم صوفي بزرگ، پهرين رجب المرجب 110ھہ/ 10 آڪٽوبر 728ع تي وفات ڪئي، ان وقت سندن عمر 89 سال هئي. خواجہ حسن بصريءَ جي آخري آرامگاھہ بصري ۾ آهي.


لفظ خواجہ حسن بصريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0728.10.10  عيسوي

هن عظيم صوفي بزرگ، پهرين رجب المرجب 110هه/ 10 آڪٽوبر 728ع تي وفات ڪئي، ان وقت سندن عمر 89 سال هئي. خواجه حسن بصريءَ جي آخري آرامگاهه بصري ۾ آهي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ نور ﷲ
ڇُٽو سيد ۽ ميان ڇَتو
حسني قادري پير غلام شاھہ جيلاني
زڪريا عليہ السلام
حسن بن جابر رحه
حاجي سومرو درويش
ڪڙيو شيخ
امام محمد باقر عليہ السلام
علي ابن ابي طالب عليہ السلام
فقير ﷲ علوي
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون