خواجہ خطير

خواجه، خطير: خواجہ خطير تغلق دؤر ۾ بکر جو گورنر هو. علاؤ الدين بادشاھہ 1300ع ڌاري وفات ڪئي، ان کان پوءِ خلجي خاندان جو پويون حاڪم، خسرو خان دهليءَ جي تخت تي ويٺو، ان جي دؤر ۾ هندو- مسلم فساد ٿيا، جنهنڪري حاڪم جا امير ۽ وزير بہ مخالف ٿي پيا ۽ سندس فوجي عملدار ملڪ غازي خان پنھنجي پٽ سان گڏجي ملتان ۽ سنڌ مان لشڪر وٺي دهليءَ تي حملو ڪيو. سخت جنگ کان پوءِ خسرو خان شڪست کائي ڀڄي ويو، جنهن بعد ملڪ غازي خان 720ھہ/ 1320ع ڌاري دهليءَ جي تخت تي ويٺو ۽ غياث الدين تغلق جي لقب سان مشھور ٿيو. ان حاڪم ٿيڻ شرط جيڪي گورنر مقرر ڪيا، تن ۾ بکر جو گورنر خواجہ خطير مقرر ڪيو ويو. (حوالو: تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا) مولوي نور محمد نظاماڻي)


لفظ خواجہ خطيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو