خواجه خورشيد انور

خواجه خورشيد انور

خواجہ خورشيد انور

خواجہ خورشيد انور: مشھور موسيقار خواجہ خورشيد انور 21 مارچ 1913ع تي ميانواليءَ ۾ جنم ورتو. سندس واسطو ڪنهن موسيقار گهراڻي سان نہ هو، پر سندس والد خواجہ فيروز الدين موسيقيءَ جو وڏو شوقين هو، ۽ پنھنجي گهر ۾ موسيقيءَ جون محفلون ڪرائيندو هو، پاڻ ان وقت ڊپٽي ڪمشنر هو. انهن محفلن ۾ استاد توڪل حسين، استاد عبدالوحيد خان، استاد عاشق علي خان، استاد غلام علي خان، استاد ننڍو غلام علي خان، فيروز نظامي ۽ رفيق غزنويءَ جھڙا گائڪ شريڪ ٿيندا هئا. هنن محفلن خواجہ خورشيد انور ۾ بہ موسيقيءَ جو شوق پيدا ڪيو ۽ هن استاد توڪل حسين خان کان موسيقيءَ جي باقاعدي سکيا ورتي، ان سان گڏ سندس تعليم جو سلسلو بہ جاري رهيو. شاگرديءَ واري دور ۾ انگريزن خلاف تشدد پسند تحريڪ سان بہ لاڳاپيل رهيو ۽ هندستان جي مشھور انقلابي ڀڳت سنگهہ کي ڪاليج جي ليبارٽريءَ مان تيزاب فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ قيد جون سختيون سٺائين. 1935ع ۾ ايم. اي (فلسفو) ۾ پهرين پوزيشن ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ آئي. سي. ايس ۾ هندستان مان پهرين پوزيشن کنيائين. استاد توڪل حسين خان کان موسيقيءَ جي باقاعدي تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تي موسيقيءَ جي پروگرامن جو انچارج ٿيو. 1940ع ۾ هن فلمي دنيا جو رخ ڪيو ۽ اي. آر ڪاردار جي دعوت تي فلم ’ڪڙمائي‘ جي موسيقي ترتيب ڏنائين. ان کان پوءِ هن هيٺين فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني: ’اشارا‘، ’پرک‘، ’يتيم‘، ’پروانہ‘، ’پگ ڊنڊي‘، ’آج اور ڪل‘، ’سنگهار‘، ’نشانه‘ ۽ ’نيلم پري‘. هن 1946ع ۽ 1949ع ۾ سال جي بھترين موسيقار جو اعزاز حاصل ڪيو. 1952ع ۾ پاڪستان آيو ۽ ٻن ٽن سالن جي خاموشيءَ کان پوءِ 1955ع ۾ فلم ’انتظار‘ جي شروعات ڪيائين. ان فلم جي موسيقي ۽ڪهاڻي بہ خواجہ خورشيد جي ئي تخليق هئي. انهي سال بھترين ڪهاڻي، بھترين موسيقي ۽ بھترين فلم جا صدارتي اوارڊ بہ حاصل ڪيائين. هن فلم ’انتظار‘ کان پوءِ ’زهر عشق‘، ’جهومر‘، ’ڪوئل‘، ’گهونگهٽ‘، ’چنگاري‘، ’همراز‘، ’هير رانجها‘، ’حيدر علي‘ ۽ ’مرزا جٽ‘ جهڙين ڪامياب فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني. انهن فلمن لاتعداد انعام ۽ اوارڊ حاصل ڪيا. 1980ع ۾ کيس حڪومت پاڪستان ’ستارہ امتياز‘ ڏنو. ريڊيي پاڪستان جي ’سگنيچر ٽيون‘ بہ سندس ئي تخليق ڪيل آهي. هن جو وڏو ۽ يادگار ڪارنامو ’آهنگ خسروي‘ آهي، جيڪو ٽيهن لانگ پليز تي مشتمل هڪ البم آهي، جنهن ۾ پاڪ- هند جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي معروف گهراڻن جا 90 راڳ محفوظ ڪيا ويا آهن. خواجہ خورشيد انور 30 آڪٽوبر 1984ع تي وفات ڪئي.


لفظ خواجہ خورشيد انورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.03.21  عيسوي

مشهور موسيقار خواجه خورشيد انور 21 مارچ 1913ع تي ميانواليءَ ۾ جنم ورتو.


1984.10.30  عيسوي

خواجه خورشيد انور 30 آڪٽوبر 1984ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شفقت چيما
پاڪ سنگهار
مير غلام شاھہ ٽالپر شھيد
شھاب الدين حڪيم
علي احمد قاضي ڊاڪٽر
مير محمد مقبول سومرو پروفيسر
امين راهي
انيس انصاري
حاجي خداداد سرهيو
وسيم راجا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون