
خواجه خيرالدين
خواجہ خيرالدين: پاڪستان جي نامياري سياستدان خيرالدين خواجہ جو جنم، 4 جولاءِ 1921ع تي ڍاڪا ۾ ٿيو. ڊاڪا يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪري سياست ۾ عملي طور پير رکيائين. خواجہ خيرالدين خواجا ناظم الدين جو تمام ويجهو ساٿي هو. سياست جي ميدان ۾ عملي طرح 1948ع ۾ آيو، جڏهن اي. ڪي. فضل الحق جي نامزد اميدوار خواجہ حبيب ﷲ جي خلاف عثمان دلال جي حق ۾ سياسي مھم هلائي، کيس ڪامياب ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. 1957ع ۾ خواجہ خيرالدين اڪثريت سان ڪامياب ٿي ميونسپل ڪمشنر منتخب ٿيو. 8 سالن تائين بنيادي جمهوريت جو ميمبر رهيو، 1966ع ۾ يونين ڪميٽيءَ جو چيئرمئن، بعد ۾ ڊاڪا ميونسپالٽيءَ جو ناظم مقرر ٿيو. 1962ع ۾ پارلياماني سياست ۾ داخل ٿيو ۽ 1965ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1971ع ۾ بنا مقابلي نرياگنج جي تڪ مان چونڊ وڙهي، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1961ع کان 1965ع تائين اوڀر پاڪستان مسلم ليگ (ڪائونسل) جو نائب صدر ۽ 1966ع کان 1971ع تائين صدر رهيو. ان بعد 1981ع تائين پاڪستان مسلم ليگ (چٺا گروپ) جو صدر رهيو، بعد ۾ پنھنجي سياسي جماعت جو بنياد وڌائين، جيڪا اڳتي هلي پير پاڳاري جي مسلم ليگ ۾ ضم ٿي وئي ۽ هو ان جو سينيئر نائب صدر مقرر ٿيو. خواجہ خيرالدين ڊيموڪريٽڪ ائڪشن ڪميٽيءَ جو صدر بہ رهيو، جنهن فيلڊ مارشل ايوب خان جي حڪومت خلاف جدوجھد هلائي. ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ ۽ ايوب خان کي هٽائڻ لاءِ هن 1969ع ڌاري گول ميز ڪانفرنس سڏائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ضياء الحق جي آمريت خلاف ايم. آر. ڊي (Movement for the Restoration of Democracy) هلائي وئي تہ ان جو سيڪريٽري جنرل رهيو. 1990ع ڌاري غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي نگران وزيراعظم بنائڻ ۾ بہ سندس ڪوششون شامل هيون. خواجہ خيرالدين 1993ع ۾ وفات ڪئي.
1921.07.04 عيسوي
پاڪستان جي نامياري سياستدان خيرالدين خواجه جو جنم، 4 جولاءِ 1921ع تي ڍاڪا ۾ ٿيو.