خواجہ عبدالحميد: مشھور صوفي بزرگ خواجہ عبدالحميد جو اصل نالو خواجہ عبدالله هو. اجمير شريف جي پيرن مان هو. صوفي شاھہ عنايت شھيد کان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ آيو ۽ سندس خليفو بڻيو. جڏهن جهوڪ جي جنگ شروع ٿي تہ ان وقت شاھہ عنايت کيس حڪم ڏنو ته، ”تون واپس اجمير هليو وڃ، تون ڪنهن وڏي ڪم ايندين“ حڪم تي عمل ڪندي اجمير هليو آيو. صوفي تحريڪ جي تذڪره نگار قاضي
غلام مهدي پنھنجي ڪتاب ’انيس المساڪين‘ ۾ لکيو آهي ته، ”هن خليفي شاھہ عنايت جي حڪم موجب دهليءَ جي بادشاھہ کان پروانو وٺي
عزت ﷲ شاھہ کي گاديءَ تي ويهاريو“. ٻئي هنڌ ڄاڻائي ٿو تہ: شاھہ عنايت جي شهادت بعد ڪلهوڙن ميرانپور کي باھہ ڏياري هئي ۽ حڪم جاري ڪيو هو تہ جيڪو صوفيءَ جو سر لاهي آڻي ڏيندو، تہ ان کي پنج رپيا انعام ڏنو ويندو. ان حڪم جي ڪري ڪو بہ صوفيءَ جو ويس پهري نہ پئي سگهيو. اها خبر جڏهن اجمير ۾ خليفي عبدالحميد ٻڌي تہ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ دل ۾ خيال آيس تہ صوفي شاھہ عنايت کيس اجمير موڪلي، جنگ ۾ ان لاءِ شھيد ٿيڻ نہ ڏنو. ان ڪري شايد اهو ئي حڪم آهي تہ ڪلهوڙن جي ظلم خلاف آواز اٿاريان. اهو سوچي دهليءَ جي بادشاھہ محمد شاھہ وٽ وڃي کيس ڪلهوڙن جي ظلم بابت آگاهي ڏنائين. دهليءَ جي بادشاھہ حڪم جاري ڪيو ته، ”اڄ کان پوءِ ڪو بہ صوفين کي شھيد نہ ڪندو، اهي ڀل پنهنجو طريقو جاري رکن ۽ ڪنهن جي بہ دل آزاري نہ ٿيڻ گهرجي.“ خليفو اهو حڪم کڻي ميرانپور آيو ۽ عزت ﷲ کي گاديءَ تي ويهاري واپس اجمير ويو، جتي وفات ڪيائين سندس مزار اجمير شريف ۾ آهي.