خواجہ عبدالرحمان مجددي سرهندي: خواجہ عبدالرحمان 1244ھہ/1828ع ۾ قنڌار ۾ڄائو هو. ننڍي هوندي علم باطن پنھنجي والد بزرگوار حضرت شاھہ عبدالقيوم کان حاصل ڪيائين ۽ علوم ظاهري مولانا حبيب ﷲ قنڌاريءَ کان حاصل ڪيائين، سترهن سالن جي عمر ۾ تعليم مڪمل ڪري پنھنجي والد جي جڳھہ تي مسند نشين ٿيو. جنهن زماني ۾ افغانستان ۾ ”امير ايوب خان“ ۽ ”امير عبدالرحمان خان“ جي وچ ۾ ”ميوان“ وٽ تخت تان جنگ لڳي، ان وقت سڀ غازي امير ايوب خان جي طرف هئا، پر انگريزن امير عبدالرحمان جي مدد ڪئي. جنهن ڪري امير ايوب کي شڪست ملي ۽ هو تخت ڇڏي ڀڄي ويو. امير عبدالرحمان تخت تي ويهڻ شرط، غازي ايوب جي ماڻهن سان ڏاڍا ظلم ڪيا ۽ ڪيترائي بھادر سردار قتل ڪرائي ڇڏيائين. امير عبدالرحمان جي ظلمن کان تنگ ٿي، خواجہ عبدالرحمان افغانستان کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ قلات رياست جي رئيس فقير محمد مستوئي وٽ رهڻ شروع ٿيو ۽ ڪجهہ وقت کانپوءِ ”مٽيارين“ ۾ تشريف فرما ٿيو. هتي سندس بيشمار مريد هئا. انهيءَ کانسواءِ هت سندس عزيز بہ رهندا هئا. مٽيارين ۾ سيد حافظ شاھہ ۽ حاجي ميران محمد شاھہ کيس ٽکڙ ۾ هلي رهڻ لاءِ چيو، جنهن ڪري 1295ھہ ۾ ٽکڙ ۾ وڃي رهڻ لڳو. خواجہ عبدالرحمان پنھنجي وقت جو ڪامل ولي ۽ جيد عالم هو. ٽکڙ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کانپوءِ اسلام جي تبليغ ۽ تعليم کي جاري رکيائين. سندس اثر جي ڪري شيخ عبدالرحيم مرحوم، شيخ شمس الدين، شيخ نور محمد ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد يعقوب مرحوم مسلمان ٿيا هئا.
ٽکڙ ۾ مشھور عالمن ۽ ويدن سان سندس صحبتون ۽ مجلسون ٿينديون هيون. ٽکڙ ۾ هڪ مدرسو پڻ قائم ڪيو هئائين، جنهن ۾ قرآن پاڪ، عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏيندو هو. فجر جي نماز کانپوءِ وٽس مراقبو ٿيندو هو. مراقبي کانپوءِ وعظ ۽ نصيحت ڪندو هو. خواجہ عبدالرحمان 71 ورهين جي ڄمار ۾ 1315ھہ/1897ع ۾ وفات ڪئي. کيس گنجي ٽڪر تي دفن ڪيو ويو.