خواجه فريدالدين ’عطار‘ جي  خيالي تصوير

خواجه فريدالدين ’عطار‘ جي خيالي تصوير

خواجه فريدالدين ’عطار‘ جو مقبرو

خواجه فريدالدين ’عطار‘ جو مقبرو

خواجہ فريدالدين ’عطار‘

خواجہ فريدالدين ’عطار‘: تصوف جي عظيم ايراني شاعر، حڪيم ۽ تذڪره نويس، خواجا فريدالدين ’عطار‘ جو اصل نالو ابو حميد بن ابوبڪر ابراهيم هو. هن 43-1142ع ڌاري نيشاپور، ايران ۾ جنم ورتو. نيشاپور ان وقت خراسان جو اهم شھر هو. هن جو والد پسارڪي ڌنڌي سان واڳيل هو، وقت جو مڃيل حڪيم تصور ڪيو ويندو هو. هن ننڍيءَ ڄمار ۾ پنھنجي والد سان ان ڌنڌي ۾ هٿ ونڊايو ۽ اڳتي هلي حڪمت جو بھترين ڄاڻو ٿيو. پنھنجي والد جي وفات بعد سندس ڌنڌي کي وڌيڪ وسعت ڏنائين. هن کي صوفياڻي تعليم پنھنجي والد ڏني ۽ ٻاراڻي وهيءَ ۾ صوفين جي تعليم ۽ سندس زندگيءَ جي طور طريقن کان واقف ٿيو. منجهس روحانيت ڏانهن لاڙو اتان ئي پيدا ٿيو. هن حڪمت جي ڪاروبار سانگي ڪيترن ئي شهرن ۽ ملڪن جھڙوڪ: بغداد، بصري، ڪوفي، مديني، مڪي، دمشق، خوارزم، ترڪستان ۽ هندستان جو سفر ڪيو. سفر دوران ڪيترن صوفين سان سندس ملاقاتون ٿيون، جن سان مٿس تصوف جو رنگ غالب ٿيندو ويو. ’رياض العارفين‘ ۾ لکيو ويو آهي تہ: نيشاپور جا سڀ ڪارخانا فريدالدين عطار جا هئا. هن لاءِ هڪ روايت ملي ٿي تہ: هڪ ڀيري هيءُ پنھنجي دڪان تي ويٺو هو تہ هڪ فقير اچي سندس دڪان آڏو لانگهائو ٿيو ۽ دڪان جي ساز سامان ۽ آرائش کي ڪافي دير تائين غور سان ڏسڻ لڳو تہ هن ناراض ٿي فقير کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته، ”پنهنجو وقت ڇو پيو ضايع ڪرين، پنهنجو رستو وٺ“. فقير وراڻيو: ”تون پنھنجي ڳڻتي ڪر، منهنجو وڃڻ ڪو ڏکيو نہ آهي“. ائين چئي فقير سندس دڪان آڏو ليٽي پيو ۽ سندس دم پرواز ڪري ويو. ان حادثي مٿس گهرو اثر ڇڏيو ۽ هن ٺٺ ٺانگر واري زندگي ترڪ ڪري، فقيري اختيار ڪئي. تذڪري نگار لکن ٿا تہ ان ڪيفيت ۾ هن ڌنڌي سان گڏ پاڻ کي لکڻ ۾ مصروف رکيو. ’مصيب نامہ‘ ۽ ’الاهي نامہ‘ انهيءَ زماني ۾ تصنيف ڪيائين. هن پنهنجين لکڻين ۾ هڪ هنڌ مجدد الدين بغداديءَ کي استاد تسليم ڪيو آهي. مٿس ايراني شاعرن رومي، حافظ، جامي ۽ نوائيءَ جو وڏو اثر هو. هن صوفياڻي علم جو وسيع مطالعو ڪيو ۽ صوفي ازم جي وڏن سلسلن کي متعارف ڪرايو. هن پنھنجي ڪلام ذريعي انساني محبت کي انسانيت جو معراج سڏيو آهي. هن ’عطار‘ نالو پيشي جي لحاظ کان ڪتب آندو، جنهن جي معنيٰ آهي: ’طبيب، دواساز، عطر ٺاهيندڙ، عطر فروش‘.
ايران ۾ ان زماني ۾ گهڻيون دوائون جڙين ٻوٽين مان ٺاهيون وينديون هيون. ان ڪري فريدالدين عطار کي ان زماني ۾ اڄ جي ڊاڪٽر ۽ ڪيميادان جهڙي حيثيت حاصل هئي.
هن غزلن جا ڪيترا ديوان ۽ مثنويون لکيون، جن ۾ صوفين جا تذڪرا آهن. سـنـدس مـشـهور ڪتابن ۾: (1) ديوان، (2) اسرار نامه،
(3) منطق الطير، مقامات اطيور، (4) مصيب نامه،
(5) جواهر نامه، (6) شرح القلب، (7) بلبل نامه،
(8) حيدر نامه، (9) گل دهرمز، (10) سياھہ نامه، (11) نشتر نامه،
(12) تذڪره الاولياء، (14) رباعين ۽ غزلن جو ديوان شامل آهن. فريدالدين عطار جي خيالن جي صاف بياني نهايت ئي قابل قدر آهي. سندس ڪلام ڪيترن ملڪن جي ڪلاسيڪي راڳين ڳايو آهي. کيس ايران جي صوفياڻي شاعري ۽ موسيقيءَ ۾ وڏي اهميت ۽ حيثيت حاصل آهي. چنگيز خان جڏهن نيشاپور تي حملو ڪيو تہ هڪ مغل هن صوفي بزرگ فريدالدين عطار کي شھيد ڪري ڇڏيو، سندس شهادت جو واقعو 1220ع ڌاري نيشاپور ۾ پيش آيو. جڏهن کيس شھيد ڪندڙ مغل کي خواجا صاحب جي بزرگي ۽ عظمت جي ڄاڻ حاصل ٿي تہ سڄي ڄمار سندس مزار جو مجاور ٿي رهيو. فريدالدين عطار جو فردوسي، سنائي، خواجا
عبدالله انصاري، حلاج ابو سعد ابوالخيار، بايزيد بسطاميءَ تي نمايان اثر آهي. عطار جو تذڪرو سندس ٻن همعصرن عوفي ۽ طوسيءَ اهميت سان ڪيو آهي. سنڌي توڙي اردو شاعريءَ تي خواجہ فريد الدين عطار جو وڏو اثر آهي. منصور ثاني سچل سرمست، بيدل ۾ رکيل شاھہ ۽ ٻين صوفين
خواجہ عطار کي تمام گهڻو ڳايو آهي. سندس ڪتاب ’منطق الطير‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، غلام حسين جلباڻيءَ ’’پکين جي پارليامينٽ‘ عنوان سان ڪيو هو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو