خواجہ محب علي: لاڙ جي سماجي خدمتگار محب علي خواجه، 1910ع ڌاري ٽنڊي محمد خان ۾ سيٺ رمضان عليءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا ’رڙيءَ‘ جي مشھور شاهوڪار سيٺين مان سيٺ مينهن ڏني جي خاندان مان هئا، جيڪي رڙي شھر مان لڏي ميرپور بٺوري ۾ اچي آباد ٿيا ۽ پوءِ ٽنڊي محمد خان ۾ اچي وسيا. هن شروعاتي تعليم ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪئي، جيڪو سندس ناناڻڪو شھر هو. والد کيس مئٽرڪ تائين پڙهايو. پيءُ جي وفات کان پوءِ زمينداري وارو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. هز هائينس آغا خان ٽنڊي تريل ڪائونسل جو ڏھہ سال صدر رهيو. ان کان پوءِ کيس اسماعيليه سپريم ڪائونسل براءِ پاڪستان جو ميمبر مقرر ڪيو ويو ۽ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر پڻ ٿيو. سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر بہ هو. لاڙ جي زميندارن جي ائسوسيئشن جو نائب صدر رهيو ۽ آخر ۾ ٽنڊي محمد خان ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. محب علي خواجہ وڏو سخي مرد هو. تعليم جي ڏس ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. ڳوٺن مان غريب ٻارن کي پنھنجي اولاد سان گڏ رهائيندو هو ۽ پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پڙهائيندو هو. مشھور عالم ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا بہ وٽس تعليم حاصل ڪئي. هو کيس اولاد وانگر ڀائيندو هو. سيٺ محب علي راڳ جو وڏو ماهر ۽ شوقين هو. پاڻ سان ميرپور، بدين، جاتي، ۽ شاهبندر جي راڳيندڙن جو ٽولو هميشہ گڏ رکندو هو. محب علي خواجہ 1967ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مڙھہ ميرپور بٺوري کان چار ميل ڏکڻ طرف سيد محمد علي شاھہ جي درگاھہ جي اوڀر ۾ آهي کيس سندس وصيت موجب خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.