خواجه محمد حسن رح لنواريءَ وارو

خواجه محمد حسن رح لنواريءَ وارو

خواجہ محمد حسن رح لنواريءَ وارو

خواجہ محمد حسن رح لنواريءَ وارو: لنواريءَ جو هيءُ بزرگ خواجہ محمد حسن، خواجہ محمد زمان ثانيءَ جو فرزند هو. سندس جنم 5 محرم الحرام 1235 هجري مطابق 24 آڪٽوبر 1819ع ۾ لنواريءَ
(ضلعي بدين) ۾ ٿيو. والد محترم جي وفات وقت سندس ڄمار 11 ورهيہ هئي. سندس والد وصال کان اڳ، پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي، پنھنجي صاحبزادي کي خلافت جي مسند تي ويهاري، سندس بيعت ڪرڻ لاءِ چيو هو، سڄيءَ جماعت دل ۽ جان سان سندس حڪم جي پوئواري ڪئي هئي. صاحبزادو خواجہ محمد حسن ننڍيءَ عمر ۾ علم ڏانهن راغب هو ۽ نماز، روزي جو پابند رهيو. خاص ڪري رمضان جي مهيني ۾ اڪثر عبادت ۽ مراقبي ۾ گذاريندو هو. فجر جي نماز پڙهي، اوطاق ۾ ايندو هو. قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ نفلن پڙهڻ کان واندو ٿي، عام مجلس ۾ ويهندو هو. خواجہ صاحب جو لنواري درگاھہ جي وڏن بزرگن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ نقشبندي سلسلي جي تعليم ڏيندو هو.
خواجہ محمد حسن حديث، فقھ ۽ تصوف جي تعليم وٺي صاحب علم ۽ فضل ٿيو. سندس ملفوظات ۾ علم ۽ عرفان جا موتي موجود آهن. هو ڪرامتن جو قائل هو ۽ چوندو هو تہ ”اسان جي طريقي ۾ ڪرامتن ڪرڻ جي منع آهي.“
خواجہ محمد حسن جي حياتيءَ جو ڳچ حصو حرمين شريفين جي زيارتن ۾ گذريو. ڇھہ حج ڪيائون. خواجہ محمد حسن 7 صفر 1298ھہ مطابق 9 جنوري 1981ع تي مديني شريف ۾ وفات ڪئي. کين وصيت موجب مرقد قبه اهلبيت ويجهو جنت البقيع ۾ خواجہ محمد پارسا جي قبر لڳ دفنايو ويو. کين ٽي فرزند خواجہ محمد سعيد، خواجہ عبدالقادر ۽ خواجہ عبدالرحمان. خواجہ محمد حسن پنھنجي وڏي فرزند خواجہ محمد سعيد کي پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي جاءِ نشين مقرر ڪري ڇڏيو هو ۽ والد جي حج تي وڃڻ دوران سڀ ڪم ڪاريون وڏيءَ ڏاهپ ۽ دانائيءَ سان ڪندو هو.
(حوالو: لنواريءَ جا لال: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1819.10.24  عيسوي

لنواريءَ جو هيءُ بزرگ خواجه محمد حسن، خواجه محمد زمان ثانيءَ جو فرزند هو. سندس جنم 5 محرم الحرام 1235 هجري مطابق 24 آڪٽوبر 1819ع ۾ لنواريءَ (ضلعي بدين) ۾ ٿيو.


1981.01.09  عيسوي

خواجه محمد حسن 7 صفر 1298هه مطابق 9 جنوري 1981ع تي مديني شريف ۾ وفات ڪئي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سعديه حليمه دائي رضہ
آسيہ بيبي
خضر عليہ السلام
حسني قادري علي اصغر شاھہ جيلاني
زيد بن حارث رضہ
حسين شاھہ ڪاڇيلاڻي
زينب رضي ﷲ عنها
شداد بن عاد
عزير عليہ السلام
صفيه رضي ﷲ عنها ام المؤمنين
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون