خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو

خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو

خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو

خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو: مشھور روحاني بزرگ ۽ اهم ڪلاسيڪي شاعر سلطان اولياءَ خواجہ محمد زمان، عبداللطيف نقشبنديءَ جو فرزند هو. خواجہ صاحب جي والدہ مولانا عبدالسلام جوڻ واري جي نياڻي هئي، جيڪو ’مرغوب الاحباب‘ درويش ۽ ابدال هو. خواجہ صاحب جي وڏن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هارون الرشيد عباسيءَ جي دؤر (786ع) ۾ سنڌ ۾ آيا. هن خاندان جو حسب نسب ٽيهين پيڙهيءَ ۾ وڃي حضرت ابوبڪر صديق سان ملي ٿو، ۽ خاندان جي سورهين بزرگ شيخ مالڪ بن محمد سھروردي سلسلو اختيار ڪيو هو ۽ ان سلسلي سان سندن تعلق خواجہ محمد زمان جي پڙ ڏاڏي تائين رهيو، جڏهن تہ سندن ڏاڏي
شيخ طيب بن شيخ ابراهيم نقشبندي طريقو اختيار ڪيو. هي خاندان صدين تائين ٺٽي نگر ۾ سڪونت پذير هو ۽ چيو وڃي ٿو تہ سمي گهراڻي جي ابتدائي دور ۾ ڪڇ ۾ وڃي رهيو ۽ اندازن 910 ھہ مطابق 1504ع ۾ ٻيهر اچي سنڌ وطن ۾ رهيا. خواجہ محمد زمان جو جنم 21 رمضان 1125ھہ/ 30 سيپٽمبر 1713ع تي لنواري (ضلعي بدين) ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ والد وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين. بعد ۾ ٺٽي ۾ مولوي محمد صديق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ ٿوري عرصي ۾ عربي زبان ۽ علم ۾ مهارت حاصل ڪيائين. ان بعد مشھور عارف ۽ تصوف جي ڄاڻو خواجہ محمد ابوالمساڪين ولد
خواجہ محمد اشرف جي صحبت ۾ داخل ٿيو. خواجہ ابوالمساڪين اڳتي هلي خواجہ صاحب جو علم ۾ ڪمال ڏسي کيس پنھنجي مسند تي ويهاري، پنھنجي دستار سندس سر تي رکي ۽ کيس بيعت ڏيڻ جي اجازت ڏني. اهڙيءَ ريت خواجہ صاحب 25 سالن جي ڄمار ۾ لنواري شريف واپس وريو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ڪجهہ ٻيا عالم مخدوم محمد زمان جي ان مرتبي جا مخالف ٿيا. خواجہ محمد زمان پنھنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ شاعر هو. شاھہ لطيف کان عمر ۾ ننڍو هو، پر روايتون آهن تہ شاھہ لطيف سندس علميت ۽ بزرگيءَ کان متاثر ٿي وٽس ملاقات لاءِ ويو هو. شاھہ صاحب ساڻس ملاقات کان پوءِ چون ٿا تہ هيٺيون بيت چيو هو:
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نہ سگهان ڳالهڙي.
خواجہ محمد زمان جو ڪلام ۽ قول سندن ’ملفوظات‘ ۾ موجود آهي. ڪجهہ بيت ’فردوس العارفين‘ ۽ ڪجهہ ’مرغوب الاحباب‘ ڪتاب ۾ موجود آهن ۽ ڪي چونڊ قول مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ پنھنجي عربي ’ڪتاب الفضل‘ ۾ ڏنا آهن، جن جو تعداد 440 آهي. انهن مان 243 جو ترجمو ۽ شرح خواجہ گل محمد ’الورد المحمدي‘ ڪتاب ۾ ڪئي آهي ۽ باقي 203 جي شرح سندس خاص مريد سيد نور علي شاھہ، ’تڪلمة الورد المحمدي‘ نالي ڪتاب ۾ ڪئي آهي. خواجہ محمد زمان جا
بيت/ قول سنڌيءَ ۾ هئا، جن جو مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي عربيءَ ۾ ترجمو ڪري، شرح لکي آهي.
خواجہ محمد زمان جا 90 سنڌي بيت ملن ٿا، جن مان 84 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي هٿ ڪري ڇپايا هئا. خواجہ صاحب جا سنڌي بيت، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بي بھا خزانو آهن، جن ۾ تصوف ۽ وطني محبت جا راز سمايل آهن. ڳوڙهي معنيٰ وارا آهن، جن جي روحاني سمجهاڻي گرهوڙي صاحب سھڻي انداز ۾ ڏني آهي.
خواجہ صاحب جي ڪلام ۾ وجود وساري حق ۾ گم ٿيڻ جي تعليم آهي. سندس ڪلام حڪمت ۽ عرفان جو ڀنڊار آهي. خواجہ محمد زمان جو پهريون سوانح نگار سندس همعصر ۽ مشھور تاريخ نويس مير علي شير فاتع آهي، جنهن مشھور ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”ميان محمد زمان، اڄڪلھہ جو مرشد ۽ ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي ٺٽويءَ جي مريدن مان آهي. ڏاڍو هدايت وارو، نقشبندي سلسلي جي مريدن جو مرجع ۽ وڏين ڪرامتن جو صاحب آهي. هن وقت بدين جي ويجهو لنواريءَ جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. هڪ دنيا کي فيض جي درياھہ مان سيراب ڪري رهيو آهي. گهڻن ماڻهن جو اعتقاد آهي تہ هن وقت سندس وجود بينظير آهي. ڪنهن بہ پيدائش نہ هوندي وٽس عام مهمان خانو هلي ٿو. عجب هي آهي تہ هڪ ٽولو حقيقت کي سمجهڻ کان سواءِ رڳو ظاهر ٿي مٿس طعنہ زنيءَ ۾ مشغول آهي.“ خواجہ صاحب جو ڪلام فڪر انگيز ۽ معنيٰ خيز آهي. عارفن ۽ عاشقن جو بيان هن ريت ڪيو اٿس:
عارف ۽ عاشق، پسڻ گهرن پرينءَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃا اورانهان ٿيا.
خواجہ محمد زمان جي وفات 4 ذوالقعد 1188ھہ/6 جنوري 1775ع تي ٿي.


لفظ خواجہ محمد زمان لنواريءَ واروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1713.09.30  عيسوي

خواجه محمد زمان جو جنم 21 رمضان 1125هه/ 30 سيپٽمبر 1713ع تي لنواري (ضلعي بدين) ۾ ٿيو.


1775.01.06  عيسوي

خواجه محمد زمان جي وفات 4 ذوالقعد 1188هه/6 جنوري 1775ع تي ٿي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فراق هاليپوٽو
شاهو خان زنگيجو
امام الدين ضامن
اياز گل
سجاد ميراڻي
راهي ڍولڻ
احمد ملاح مولوي
راڄڙ منٺار فقير
فقير محمد سنڌي
بلبل کورواهي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون