خواجہ محمد زمان ٻيو

خواجہ محمد زمان (ٻيو): حضرت خواجہ محمد زمان (ٻيو) ولد خواجہ گل محمد تيرهين صدي هجريءَ جي انهن برگزيده اوليائن ۽ عالمن مان هو، جن جي روحاني ۽ علمي شھرت سنڌ جي حدن مان نڪري، ٻاهرين اسلامي ملڪن تائين پهتي. غوث علم جي لقب سان مشھور هن بزرگ 1199هجري/ جولاءِ 1785ع ۾ جنم ورتو. روايت آهي تہ جن فقيرن سلطان اولياء خواجہ محمد زمان اول کي ڏٺو هو، تن جو چوڻ هو تہ خواجہ محمد زمان ثاني شڪل شباهت ۽ ٻين وصفن ۾ هوبهو پنھنجي ڏاڏي جهڙوهو. سندس والد جو منجهس ساھہ هوندو هو. گادي نشينيءَ وقت سندس عمر اوڻيھہ ورهيہ مس هئي. اڃا سال کن مس گذريو تہ 1804ع ۾ شاھہ شجاع الملڪ سنڌ تي ڪاهي آيو. خواجہ صاحب حملي جي ڪري اتان نڪري وڃي ٻئي علائقي ۾ رهيو. مڪان ۽ درگاھہ جو سڀ اسباب لٽجي ويو. هن حادثي کان پوءِ بچاءَ واسطي کين ڪوٽ اڏائڻ جو خيال ٿيو ۽ اهو ڪم شروع ڪري ڏنائين، جيڪو 1881ع ڌاري جڙي راس ٿيو.
پر ستت ئي ڪن حاسدن ان وقت جي ٽالپر حاڪم مير غلام علي خان کي وڃي ورغلايو تہ اهو ڪوٽ انگريزن جي مالي امداد سان اڏايو ويو آهي. مير کي شڪ جاڳيو ۽ مٿان وري کيس جڏهن اها خبر پئي تہ خواجہ پنھنجي فرزند جي مائٽي ڪڇ جي جاڙيجن مان چوائي آهي تہ هيڪاري سندس شڪ وڌي ويو. ڇو تہ ان وقت انگريزن جي ڀڄ ۾ واپاري ڪوٺي قائم هئي. خواجہ صاحب گهڻو ئي مير صاحب کي سمجهايو، پر مير تي اثر نہ ٿيو ۽ پنهنجا ماڻهو موڪلي ڪوٽ ڀڃائي ڀور ڪرائي ڇڏيائين. هن واقعي کان هڪ ورهيہ پوءِ خواجہ صاحب 1812ع ۾ حج لاءِ روانو ٿيو. ساڻس گڏ چاليھہ ساٿي هئا. 1830ع خواجہ حرمين کان موٽي ڳوٺ پهتو. خواجہ صاحب وقت جو وڏو عالم هو. خواجہ عبداللطيف چوندو هو تہ حضرت جن جو هڪڙو هڪڙو سخن
قرآن شريف جي آيتن موافق هوندو هو. ڪڏهن بہ طمع نہ رکيائين ۽ نہ وقت جي حاڪمن آڏو هٿ ٽنگيائين. وٽس جيڪي پيسو ڏوڪڙ هوندو هو، ان کي بيت المال ۾ جمع ڪري غريبن جي پرگهور لهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو