خواجہ محمد صالح کڙائي: نامور بزرگ خواجہ محمد صالح 1727ع ڌاري دولتپور صفن کان ٻہ ميل پري ڳوٺ کڙ ضلعي نواب شاھہ (موجودہ بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو. ڳوٺ کڙ جي نسبت سان ’کڙائي‘ مشھور ٿيو. رياضتن جو صاحب هو. زندگي جو گهڻو حصو سير ۽ سياحت ۾ صرف ڪيائين. روم، عرب، تاجڪستان، ترڪستان ۽ هندستان ويو. آخر لنواري شريف ۾ اچي حضرت سلطان الاولياءَ خواجہ محمد زمان جي صحبت اختيار ڪيائين، جتي کيس فيض مليو ۽ اڳتي هلي خواجہ جو خاص خليفو ٿيو. علمي حوالي سان بلند درجو رکندو هو. مير غلام علي ٽالپر پنھنجي ڀاءُ مير فتح علي خان ٽالپر جي وفات کانپوءِ گاديءَ تي ويٺو. کيس مرشد جو ايڏو ادب هوندو هو، جو ڪڏهن بہ لنواري شريف ڏانهن پير ڪري نہ ستو. خواجہ صاحب جي وفات 28 جنوري 1786ع تي ٿي. هر سال 27 ربيع الاول تي سندس عرس ملهايو ويندو آهي.
1786.01.28 عيسوي
خواجه محمد صالح جي وفات 28 جنوري 1786ع تي ٿي. هر سال 27 ربيع الاول تي سندس عرس ملهايو ويندو آهي.