خواجه، معين الدين: پاڪستان جي نامياري ڊراما نگار ۽ هدايتڪار معين الدين خواجہ 1924ع ڌاري حيدرآباد دکن ۾ جنم ورتو. ورهاڱي بعد 1948ع ۾ ڪراچي سنڌ ۾ لڏي آيو، جتي هڪ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. هن پاڪستاني ٿيٽر کي ڪافي لازوال ڊراما ڏنا. ڪراچيءَ ۾ ’ڊراما گلڊ‘ نالي هڪ ادارو قائم ڪيائين، جنهن جو باني پاڻ ۽ سيڪريٽري آغا ناصر هو. خواجہ معين الدين جي پيش ڪيل ڊرامن ۾: (1) ’لال قلعي سي لالوکيت تڪ‘، (2)’نيا نشان‘، (3) ’واديء ڪشمير‘، (4) ’مرزا غالب‘،
(5) ’بند روڊ پر‘ ۽ (6) ’تعليم بالغان‘ قابل ذڪر آهن. سندس ڌيءَ حسينہ معين بہ مشھور ڊرامانگار آهي. خواجہ معين الدين 1971ع ڌاري وفات ڪئي.