خواجه مير درد

خواجه مير درد

خواجہ مير درد

خواجہ مير درد: خواجہ مير بن خواجہ محمد ناصر عندليب، اردوءَ جو مشھور شاعر ٿي گذريو آهي. هن 1133ھہ/1721ع ۾ دهليءَ ۾ جنم ورتو. والد جي وفات کان پوءِ مسند نشين ٿيو. دهلي سلطنت جي تباهيءَ واري دور ۾ حملي وقت موجود هو. تفسير، حديث، تصوف ۽ ٻين علمن جي ڄاڻ رکڻ سان گڏ موسيقيءَ ۾ بہ مهارت رکندو هو. هر مهيني جي ٻين ۽ 24 تاريخ تي هن وٽ سماع جي محفل ٿيندي هئي، جنهن ۾ عالم ۽ امير شريڪ ٿيندا هئا. هن هڪ سئو يارهن عنوانن تي تصوف جون رمزون ۽ معاملا بيان ڪيا آهن. آزاد ’آب حيات‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”درد جي شاعريءَ جو بنيادي امتياز اهو آهي تہ تصوف جهڙو هن لکيو. اردوءَ ۾ اڄ تائين ڪنهن بہ ناهي لکيو“. درد جي غزلن ۾ صوفياڻن خيالن سان گڏ مجازي عشق بہ نظر اچي ٿو. انهن ۾ مجاز ۽ حقيقت گڏ گڏ نظر اچن ٿا. هن جي فارسي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ اردو شاعري بهتر آهي. فارسيءَ ۾ سندس رباعيون زبردست آهن. مشھور جرمن اسڪالر اينيمري شمل سندس صوفياڻي شاعريءَ ۽ موضوعن جي ڀيٽ شاھہ لطيف سان ڪرڻ خاطر هڪ ڪتاب ‘Pain and Grace’ لکيو هو، جنهن ۾ هن لفظ Pain مير درد لاءِ ۽ Grace شاھہ لطيف لاءِ استعاري طور استعمال ڪيا آهن. هن 24 صفر 1199ھہ/ 6 جنوري 1785ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ خواجہ مير دردھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1785.01.06  عيسوي

مير خواجه درد 24 صفر 1199هه/ 6 جنوري 1785ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مراد فقير زنگيجو
ابراهيم خليل
سائر مزمل هاليپوٽو
مريم مجيدي
سائل خواجو
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
محمود شيخ
سيفو شاعرہ
ڄام دُرڪ
سانوڻ سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون