خواجه ناظم الدين

خواجه ناظم الدين

خواجہ ناظم الدين

خواجہ ناظم الدين: پاڪستان جي اڳوڻي گورنر جنرل ۽ وزيراعظم خواجہ ناظم الدين 19 جولاءِ 1894ع تي ڍاڪا ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو خواجہ نظام الدين هو. نواب سليم الله، جنهن جو شمار انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي بانين ۾ ٿئي ٿو. سندس مامو هو. هن ابتدائي تعليم علي ڳڙھہ مان حاصل ڪئي، اعليٰ تعليم مسلم يونيورسٽي عليڳڙھہ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي برطانيا مان حاصل ڪيائين. هن 28 سالن جي عمر ۾ سياست ۾ پير پاتو ۽ ڊاڪا ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ۽ مجلس دستور ساز بنگال جو ميمبر ٿيو. 1937ع ۾ هن انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سموري عمر ان سان ئي لاڳاپيل رهيو. خواجہ ناظم الدين متحدہ بنگال جو وزير تعليم، وزير داخلا ۽ وزيراعليٰ پڻ رهي چڪو آهي. هن ڪلڪتي مان روزاني اخبار ’اسٽار آف انڊيا‘ بہ جاري ڪئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ اوڀر پاڪستان جو وزيراعليٰ چونڊيو. 1948ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي وفات کان پوءِ کيس پاڪستان جو گورنر جنرل چونڊيو ويو. آڪٽوبر 1951ع ۾ لياقت علي خان جي قتل کان پوءِ پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو.
1953ع ۾ گورنر جنرل کيس غير آئيني طريقي سان هٽائي ڇڏيو، جنهنڪري سياست کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪيائين. خواجہ ناظم الدين نہ رڳو پاڪستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي اهم اڳواڻن مان هو، پر
محمد علي جناح جو ويجهو ۽ اعتماد وارو ساٿي بہ هو. 1965ع جي صدارتي چونڊن ۾ خواجہ ناظم الدين بہ امڪاني اميدوار هو، پر هن فاطمہ جناح کي اميدوار بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ڪامياب ٿيو. صدارتي مھم هلندڙ ئي هئي تہ 22 آڪٽوبر 1964ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو. ڪراچيءَ جا ناظم آباد ۽ نارٿ ناظم آباد علائقا سندس نالي سان منسوب آهن. ان کان سواءِ ڊاڪا ۽ اسلام آباد ۾ سندس نالي سان ناظم الدين روڊ منسوب آهن. (حوالو: انٽرنيٽ ۽ پاڪستان ڪرونيڪل).


لفظ خواجہ ناظم الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.07.19  عيسوي

پاڪستان جي اڳوڻي گورنر جنرل ۽ وزيراعظم خواجه ناظم الدين 19 جولاءِ 1894ع تي ڍاڪا ۾ جنم ورتو.


1964.10.22  عيسوي

خواجه ناظم الدين 22 آڪٽوبر 1964ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اين ڊي جتوئي
حسن اي شيخ
ادريس محمد صديق
لعل بخش جسڪاڻي
حاجي غلام حسين ڊاڪٽر
آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
فقير رسول بخش انڙ
درازي سخي قبول محمد چوٿون
ڪائنات ٿيٻو
آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون