
خواجه نظام الدين اولياء جي مزار
خواجہ نظام الدين اولياء: خواجہ نظام الدين اولياء 636 ھہ/ 1238ع ۾ بدايون ۾ پيدا ٿيو. سندس اباڻو وطن بخارا هو. سندس والد جو نالو خواجہ احمد علي الحسيني هو. والدين سندس نالو سيد محمد رکيو. هيءُ اڃا پنجن سالن جو هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. سندس والدہ بيبي زليخا، انتهائي عبادتگذار ۽ همت واري عورت هئي، ان هن جي تربيت ۾ ڪا بہ ڪسر نہ ڇڏي. قرآن مجيد مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مولانا علاؤالدين صوليءَ کان فقھه جي تعليم حاصل ڪئي ۽ قدوريءَ جهڙو اهم ڪتاب مڪمل ڪيو. ٻارنهن سالن جي عمر تائين هن لغت، ادب ۽ فقھ ۾ قابل قدر دسترس حاصل ڪري ورتي. سورهن سالن جي عمر جو ٿيو تہ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي والدہ ۽ ڀيڻ سان گڏ دهلي هليو ويو. اتي شمس الملڪ خواجہ شمس الدين خوارزمي، امام حديث رضي الدين حسن صاغاني ۽ ٻين عالمن کان شرعي ۽ فقهي علم حاصل ڪيائين.
خواجہ نظام الدين هيئت ۽ هندسه جي علم ۾ دسترس حاصل ڪرڻ کان سواءِ علم منطق ۾ ايڏي مهارت حاصل ڪئي، جو شاگرد کيس ’منطقي‘ چوندا هئا.
هي تيز طبع ۽ فصيح البيان هو. بحث مباحثي ۾ ٻين تي حاوي رهندو هو. دهليءَ ۾ رهڻ دوران کيس اتفاق سان رهائش جي جڳھہ شيخ نجيب الدين متوڪل جي پاڙي ۾ ملي. ان سان ملاقاتن ۾ اڪثر شيخ صاحب جي ڀاءُ بابا فريد الدين گنج شڪر جو ذڪر ٿيندو رهندو هو. انهن ڳالهين سندس دل ۾ بابا فريدالدين جي ايتري محبت ۽ سڪ پيدا ڪئي، جو جڏهن هن 20 سالن جي عمر ۾ ظاهري علم مان فراغت حاصل ڪئي تہ بابا فريدالدين گنج شڪر جي خدمت ۾ اجوڌن (پاڪ پتن) وڃي پهتو ۽ اتي 15 رجب 655ھہ/ 29 جولاءِ 1257ع تي سندس هٿ تي بيعت ڪيائين.
بابا صاحب کيس بيعت کان پوءِ تعليمي سلسلو جاري رکڻ جو چيو، جنهن تي خواجہ صاحب نہ رڳو بابا فريدالدين کان عوارف المعارف، ابوشڪور السالميءَ جي تمهيد ۽ ڪجهہ ٻين ڪتابن جو درس ورتو، پر سندس حڪم کي بجاآوريءَ ۾ سڄي زندگي علم حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو.
بابا فريدالدين جي زندگيءَ ۾ خواجہ صاحب ٽي ڀيرا اجوڌن ۾ حاضر ٿيو ۽ اتي ڪيترائي ڏينهن رهيو. 13 رمضان المبارڪ 659ھہ/ 11 آگسٽ 1261ع تي خواجہ صاحب کي خلافت جو خرقو مليو، ۽ ابوشڪور السالميءَ جي ’تمهيد‘ پڙهائڻ جو اجازت نامو بہ مليو. ان موقعي تي بابا فريدالدين کيس نظام ’المـلـة الوالدين‘ جو لقب بہ ڏنو. جنهن کان پوءِ سندس لقب ’نظام الدين‘ مشھور ٿيو. بابا فريدالدين کيس ڪجهہ وصيتون ڪري دهلي وڃڻ جو حڪم ڏنو.
بابا فريدالدين جي وفات وقت خواجہ صاحب وٽس موجود نہ هو، پر بابا فريدالدين پنهنجو جامو، مصلو ۽ عصا کيس ڏيڻ جي وصيت ڪئي، جيڪا ڳالھہ بابا فريدالدين جي جانشينيءَ ۽ خواجہ صاحب جي خاص مقام جو اشارو ڪري ٿي.
مرشد جي حڪم سان خواجہ نظام الدين دهليءَ کي پنهنجو مستقل مرڪز ۽ مسڪن بڻايو. دهليءَ ۾ سندس 50 سالن جو هي زمانو ڏاڍو يادگار گذريو. اتي هن بلبن کان غياث الدين تغلق تائين جو دور پنهنجين اکين سان ڏٺو. ڪجهہ حڪمرانن کيس ڪنهن نہ ڪنهن نموني پريشان ڪرڻ جي ڪوشش بہ ڪئي، پر هي بزرگ مستقل مزاجيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان اسلام جي اشاعت ۽ خلق جي خدمت ۾ مشغول رهيو. خواجہ صاحب جا شروعاتي 20 سال سٺا گذريا. ابتدا ۾ اٽڪل ٻن سالن تائين امير خسرو جي ناني راوت عرض وٽ رهيو. امير خسرو ان وقت اٺن سالن جو هو. هڪ ڏينهن جڏهن امير خسرو ۽ ان جو نانو گهر ۾ موجود نہ هئا تہ امير خسرو جي مامن خواجہ صاحب کي گهران ڪڍي ڇڏيو. اها رات خواجہ صاحب هڪ ڪکائين مسجد ۾ گذاري. ان کان پوءِ هن غياث پور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. هي جڳھہ شھر جي هنگامن ۽ گوڙ کان پري هئڻ ڪري سندس طبيعت ۽ مزاج جي عين مطابق ثابت ٿي.
خواجہ صاحب هميشہ شاهي درٻار کان ڪنارہ ڪشي اختيار رکي. ڪجهہ حاڪمن هن کي پنھنجي درٻار سان ڳنڍڻ چاهيو، پر ناڪام رهيا. جلال الدين خلجي (689ھہ/ 1290ع کان 695ھہ/ 1295ع)
خواجہ صاحب کي هڪ ڳوٺ جاگير طور ڏيڻ چاهيو، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ سلطان پاڻ حاضري ڏيڻ چاهي، پر خواجہ صاحب ان جي بہ اجازت نہ ڏني. علاؤالدين خلجيءَ جو پٽ خضر خان، خواجہ صاحب جو مريد هو. ان مناسبت سان بادشاھہ بہ سندس عقيدتمند هو، پر سلطان طرفان حاضريءَ جي درخواست پهچڻ جي باوجود هن ساڻس ملڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ کيس اهو چوائي موڪليو تہ ”غائباڻي دعا وڌيڪ مؤثر هوندي آهي.“
سلطان قطب الدين خلجي (716ھہ/ 1316ع کان 720ھہ/ 1320ع تائين) دهليءَ ۾ خواجہ صاحب جو زور ٽوڙڻ لاءِ ملتان کان شيخ رڪن الدين سهرورديءَ کي گهُرايو، پر هنن ٻنهي بزرگن ۾ سٺا تعلقات پيدا ٿي ويا. ان بعد سلطان پنھنجي نئين تعمير ڪرايل مسجد ۾ سمورن عالمن ۽ مشائخن کي نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو، پر خواجہ صاحب ان حڪم کي نہ مڃيو. تنگ اچي سلطان هر چنڊ رات عالمن ۽ مشائخن کي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، پر خواجہ صاحب درٻار ۾ حاضر ٿيڻ بدران پنھنجي خادم اقبال خان کي موڪليندو هو. جنهن تي بادشاھہ کيس زوريءَ درٻار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو، پر بادشاھہ چنڊ رات پنھنجي غلام خسرو خان هٿان مارجي ويو. اهڙي نموني غياث الدين تغلق
(720ھہ/ 1320ع کان 725ھہ/ 1325ع تائين) بہ خواجہ صاحب جي مقبوليت سبب ساڻس وير رکيو. هن عالمن جي اسرار تي سماع واري مسئلي تي تغلق آباد ۾ هڪ مناظري ۾ خواجہ صاحب کي مدعو ڪيو. خواجہ صاحب قرآن ۽ سنت مان سماع جي حق ۾ وزندار دليل ۽ ڪڙا شرط بيان ڪيا. بادشاھہ مقصد ۾ ناڪاميءَ تي گهڻو ڪاوڙيو ۽ هن بنگال مان خواجہ صاحب ڏي حڪم ڏياري موڪليو تہ سندس دهلي پهچڻ کان اڳ ئي شھر ڇڏي وڃي، پر ٿيو ائين تہ تغلق آباد جو محل ڪِرڻ ڪري ان کان اڳ بادشاھہ خود دنيا کي ڇڏي ويو.
غياث پور ۾ خواجہ صاحب جمنا جي ڪناري تي ڪکائين ڇپر ۾ رهندو هو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ مريدن کان اجازت وٺي اتي ٽي منزلہ عمارت تعمير ڪرائي، جيڪا اڃا بہ همايون جي مقبري جي اتر ۾ موجود آهي. ان جي پهرين منزل ۾ خليفا رهندا هئا. ٻي منزل خواجہ صاحب جي مجلس لاءِ مخصوص هئي ۽ ٽين منزل تي خواجہ صاحب جي رهائش هئي. هڪ ڪمرو جامع مسجد جي پاسي ۾ بہ هو، جتي جمعي جي رات رهندو هو. خواجہ صاحب جو وصال جمعي
18 ربيع الثاني 725ھہ/ 3 اپريل 1325ع تي ٿيو. وفات کان اڳ خادم کي گهر ۾ موجود هر شيءِ فقيرن ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏنائين. وصيعت موجب کيس دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني پڙهائي. سلطان محمد تغلق سندس قبر تي عاليشان مقبرو جوڙايو. سندس مزار اڄ بہ زائرين جي عقيدت جو مرڪز آهي.
خواجہ نظام الدين اولياءَ صاحب تصنيف بزرگ هو. سندس ڪتابن ۾: ’فوائد الفواد‘، ’راحت المحبين‘، ’فصل فواد‘ ۽ ’سير الاولياء‘ شامل آهن. سندس ملفوظات جو مستند مجموعو ’فوائد الفواد‘ سندس مريد فارسيءَ جي مشھور شاعر حسن سنجريءَ ترتيب ڏنو.
1257.07.29 عيسوي
هن 20 سالن جي عمر ۾ ظاهري علم مان فراغت حاصل ڪئي ته بابا فريدالدين گنج شڪر جي خدمت ۾ اجوڌن (پاڪ پتن) وڃي پهتو ۽ اتي 15 رجب 655هه/ 29 جولاءِ 1257ع تي سندس هٿ تي بيعت ڪيائين.
1261.08.11 عيسوي
بابا فريدالدين جي زندگيءَ ۾ خواجه صاحب ٽي ڀيرا اجوڌن ۾ حاضر ٿيو ۽ اتي ڪيترائي ڏينهن رهيو. 13 رمضان المبارڪ 659هه/ 11 آگسٽ 1261ع تي خواجه صاحب کي خلافت جو خرقو مليو، ۽ ابوشڪور السالميءَ جي ’تمهيد‘ پڙهائڻ جو اجازت نامو به مليو. ان موقعي تي بابا فريدالدين کيس نظام ’المـلـة الوالدين‘ جو لقب به ڏنو. جنهن کان پوءِ سندس لقب ’نظام الدين‘ مشهور ٿيو. بابا فريدالدين کيس ڪجهه وصيتون ڪري دهلي وڃڻ جو حڪم ڏنو.
1325.04.03 عيسوي
خواجه صاحب جو وصال جمعي 18 ربيع الثاني 725هه/ 3 اپريل 1325ع تي ٿيو. وفات کان اڳ خادم کي گهر ۾ موجود هر شيءِ فقيرن ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏنائين. وصيعت موجب کيس دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني پڙهائي. سلطان محمد تغلق سندس قبر تي عاليشان مقبرو جوڙايو. سندس مزار اڄ به زائرين جي عقيدت جو مرڪز آهي.