خواجہ نور ﷲ: خواجہ نور ﷲ بزرگ نقشبندي سلسلي جو بزرگ ۽ سنڌ جي ڪامل بزرگ قاضي احمدرحه جو پوٽو ۽ ميان محمد صالح رحه جو ننڍو فرزند هو. جيڪو خواجہ عبدالواحد کان پوءِ قاضي احمد رحه جي درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. هن ابتدائي تعليم قاضي احمد ۾ ورتي پوءِ پنھنجي معالج ۽ وڏي عالم مولانا محمد امين رتڙ مڪمل ڪئي. پنھنجي جدي پشتي مرشد لنواريءَ شريف جي سجادہ نشين خواجہ محمد حسن مهاجر مدنيرحه جي هٿ تي بيعت ڪئي، کانئس فيض حاصل ڪري، سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون. خواجہ صاحب گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. صبح جو اشراق کان پوءِ طالبن کي هدايت ۽ روحاني تربيت ڏيندو هو. مغرب نماز کانپوءِ عشاءَ نماز تائين خلوت ۽ مراقبي ۾ گذاريندو هو. خواجہ صاحب هڪ ڏينهن پنھنجي لٺ (عصا) هٿ ۾ کڻي قاضي احمد شھر جي ٻاهران هڪ ليڪو ڪڍيو ۽ فرمايو تہ ﷲ تعاليٰ هن شھر کي هميشہ لاءِ ٽن شين کان محفوظ رکندو. (1) درياھہ جي ٻوڏ کان (2) باھہ کان، جيڪا هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين نہ لڳندي (3) ۽ هن شھر ۾ ڪالرا جي بيماري ڪڏهن نہ ايندي هن بزرگ جي نگاھہ جو تاثير سان جيڪو سندس صحبت ۾ ايندو هو، سو سندس محبت جو اسير ٿي. هن بزرگ جي وفات
1295ھہ/1878ع ۾ ٿي ۽ قاضي احمد ۾ ئي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو. (سنڌ ڪي صوفيائي نقشبند حصه دوم).