خواجہ هاروني جو مقبرو

خواجہ هاروني جو مقبرو: هيءُ مقبرو ديھہ ۽ تپي لڪي، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي ڄامشوري ۾ لڪيءَ جي جبل مٿان واقع آهي. جنهن ۾خواجا هارونيءَ نالي بزرگ دفن آهي. هيءَ قبر تيرٿ ڌارا کان ڇھن ميلن جي مفاصلي تي آهي. چانڊوڪي راتين ۾ آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو هتي زيارت لاءِ ايندا رهن ٿا ۽ راڳ جون محفلون ڪن ٿا. مزار جي مهاڙي پڪين سرن جي ٺهيل آهي. باقي پاسا تراشيل پٿر جا جڙيل آهن. درگاھہ جي ڏکڻ طرف پراڻين سرن مان مسجد تعمير ٿيل آهي. مسجد جي ڀر ۾ فقيرن يا مسافرن جي رهڻ لاءِ هڪ بيٺڪ آهي. هن مقبري جو تذڪرو مظهر شاھجھاني جي مصنف بہ ڪيو آهي. هن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ پاڻ قادريه سلسلي جو بزرگ هو. غلام رباني آگري پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جا بر ۽ بحر“ ۾ بہ هن بزرگ جو احوال ڏنو آهي هن لاءِ روايت آهي تہ پاڻ خواجہ معين الدين چشتي جو استاد هو. مزار تي چنڊ جي هر چوڏهينءَ جي رات تي ميلو لڳي ٿو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو