خواجہ پير نظام الدين سرهندي ڪتبخانو

خواجہ پير نظام الدين سرهندي ڪتبخانو: شڪارپور ۾ هن ڪتبخاني/ لائبرريءَ جو بنياد مشھور عالم ۽ بزرگ پير نظام الدين سرهنديءَ رکيو، پير نظام الدين کي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق هو. سندس ڀاءُ خواجہ فدا محي الدين بہ ان ڏس ۾ سندس ڪافي مدد ڪئي. خواجہ نظام الدين سرهنديءَ جي وفات کان پوءِ هيءُ ڪتبخانو ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو. پهريون حصو پير امام الدين کي، ٻيو حصو پير فضل قيوم کي، ٽيون حصو سندس ننڍي پٽ پير رفيع الدين کي مليو. پير امام الدين جا ڪجهہ ڪتاب سندس پوٽي مولانا پير فضل سرهنديءَ وٽ موجود آهن. پير خواجہ فضل قيوم جي ڪتبخاني کي سندس پوٽي پير غلام مجدد ۽ پڙپوٽي مولانا پير نثار احمد وڌايو. ان ڪتبخاني ۾ تقريباً اٺ هزار ڪتاب موجود هئا، وقت گذرڻ سان هيءُ ڪتبخانو آهستي آهستي ختم ٿي ويو، هينئر اهو بچيل ڪتبخانو سندس سئوٽ پير انيس احمد وٽ موجود آهي، جتي اڄ بہ ڪافي قلمي نسخا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو