
خواجه گل حسن (پير بادشاهه)
خواجہ گل حسن (پير بادشاھہ): خواجہ گل حسن امام العارفين جو فرزند هو. هي تمام وڏو اهل ﷲ ۽ درگاھہ لنواريءَ جو ستون مسند نشين ٿي گذريو آهي. خواجہ گل حسن، 30 آگسٽ 1909ع تي لنواري، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. باهمت ۽ خوش اخلاق ۽ سنجيدہ مزاح هو. هميشہ حق ۽ سچ جي پرچار ڪيائين. وٽانئس ڪڏهن بہ ڪو سوالي خالي نہ موٽيو. پير علي محمد راشدي پير صاحب بابت لکيو آهي تہ: ”حضرت پير بادشاھہ خواجہ گل حسن هڪ ڪامل پير سان گڏ هڪ سٺو انسان پڻ هو. پاڻ اعليٰ پايي جو درويش ۽ جامع الصفات پير هو. هِن جهڙو پير وري سنڌ ڪونه ڏسندي.“ پير صاحب 44 سال مسند تي رهيو. هن پنھنجي ڳوٺ کي بجلي، واٽر سپلاءِ، هاءِ اسڪول ۽ گرلس مڊل اسڪول جهڙيون سهولتون ڏياريون. غريبن ۽ اميرن کي هڪ نظر سان ڏسندو هو، مريدن ۾ ڪنهن بہ قسم جي لالچ نہ رکندو هو. غريب شاگردن کي ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺي ڏيندو هو ۽ بيمارن جي علاج جو خرچ ڀريندو هو. شريعت جو پابند، مريدن کي نماز، روزي جي سختيءَ سان تاڪيد ڪندو هو. قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. پنھنجي وقت جو سٺو حڪيم بہ هو، حڪمت جي اعليٰ ڊگري بہ حاصل ڪئي هئائين. گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هو. عيد يا ڪنهن خاص ڏينهن تي دوستن ۽ مريدن کي سوکڙيون پاکڙيون موڪلي ڏيندو هو. غير معمولي ذهانت جو مالڪ هو. کيس سنڌي، گجراتي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ تي عبور حاصل هو. هن فقير صفت بزرگ 16 سيپٽمبر 1982ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.
1909.08.30 عيسوي
خواجه گل حسن امام العارفين جو فرزند هو. هي تمام وڏو اهل الله ۽ درگاهه لنواريءَ جو ستون مسند نشين ٿي گذريو آهي. خواجه گل حسن، 30 آگسٽ 1909ع تي لنواري، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
1982.09.16 عيسوي
فقير صفت بزرگ خواجه گل حسن 16 سيپٽمبر 1982ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.