خواجہ گل محمد

خواجہ گل محمد: خواجہ گل محمد، لقب محبوب الصمد، سلطان الاولياء خواجہ محمد زمان اول جو فرزند هو. سندس جنم 11 ربيع الاول 1177ھہ/1763ع ۾ ٿيو. والد جو ساڻس بيحد پيار هو ۽ کيس لاڏ ڪوڏ سان پاليائين. هن فرزند جي مقام ۽ مرتبي جي اهڃاڻن مان ئي پرکي ورتو هو. قرآن شريف ۽ فارسي پڙهڻ کان پوءِ کيس مولانا شرف الدين شهدادپوريءَ وٽ صرف و نحو ۽ علم عروض پڙهڻ لاءِ وهاريو ويو. ننڍپڻ ۾ سندس گهڻو لاڙو سلوڪ ڏانهن هو. اڃا يارهن ورهين جي ڄمار جو هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. سندس مسند نشيني واري سوال تي ڪن خليفن اعتراض اٿاريو تہ خواجہ گل محمد اڃا ٻار آهي، سو مريدن جي ڪهڙي تربيت ڪري سگهندو. انهيءَ تي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، شيخ ابوطالب ۽ ٻين بزرگن چيو تہ هي باطني معاملو آهي. اسان کي نينگر جي ڄمار ڏسڻ نہ گهرجي. پوءِ خواجہ محمد زمان جي وفات کان ٽئين ڏينهن خواجہ گل محمد کي مسند تي ويهاريو ويو. اول شيخ عبدالرحيم سندس بيعت ڪئي، پوءِ ٻين وڏن خليفن شيخ ابوطالب، حاجي طاهر، حافظ هدايت ۽ ٻين بيعت ڪئي. هن بزرگ جي وفات ربيع الثاني 1218ھہ/آگسٽ 1803ع ۾ ٿي.


لفظ خواجہ گل محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو