خواجه الله بخش غفاري (سهڻا سائين)

خواجه الله بخش غفاري (سهڻا سائين)

خواجہ ﷲ بخش غفاري سھڻا سائين

خواجہ بخش غفاري (سھڻا سائين): خواجہ بخش غفاري عرف سھڻا سائين ولد حضرت محمد مٺل حضرت پير مٺا سائينرحه جي ولادت شھر خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ 10 مارچ 1910ع تي ٿي. سندس تعلق عباسي خاندان سان هو.
سھڻا سائينءَ جا وڏا راشدي خاندان جي چشم چراغ حضرت حاجي نصير الدين شاھہ بکريءَ، وارن جا مريد هئا. ننڍپڻ کان ئي سندن والد ۽ والدہ هن جي تعليم ۽ پرورش ۾ ڪينَ گهٽايو. والد جي وفات کان پوءِ والدہ خصوصي توجھہ سان کيس سنڀاليو. پاڻ نيڪ سيرت ۽ عبادت گذار عورت هئي. والدہ جي تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪري سھڻا سائينءَ جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي نياز، عاجزي ۽ خدمتِ خلق جهڙيون عمديون صفتون پيدا ٿيون.
قرآن پاڪ ۽ ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ حاصل ڪيائين. فائينل جو امتحان پاس ڪري ڪجهہ عرصي لاءِ ماستري ۽ درزڪو ڪم ڪيائين. ان وقت خانواهڻ ۾ ڪو ديني مدرسو نہ هو، پوءِ ماستري ڇڏي، ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳيريلي شھر جي مدرسي ۾ ديني علم حاصل ڪرڻ لاءِ الحاج مولانا رضا محمد مگسيءَ وٽ ويو، ان وقت سواريءَ جي ڪابہ سهوليت نہ هئي، ان ڪري پنڌ ڪري مدرسي ۾ پڙهڻ ايندو ويندو هو. ان زماني ۾ ٻين مدرسن وانگر هن مدرسي جا طالب بہ پاڙي مان فقر جي ماني وٺي کائيندا هئا، پر کيس اها ڳالھہ پسند نہ هئي. ان ڪري اڪيلو ويهي سبق ياد ڪندو هو يا تلاوت قرآن مجيد ۾ وقت گذاريندو هو. 1354ھہ/ 1935ع ۾ جڏهن اڃا ڀريا جي مدرسي ۾ پڙهندو هو تہ اتي سندس مخلص دوست ۽ پاڙيسري قاضي دين محمد مدرسي ۾ اچي پير قريشيءَ جي علم ۽ فيض جون ڳالهيون ٻڌايون تہ پنجاب جو هڪ ڪامل ۽ متقي بزرگ هالاڻيءَ ۾ آيل آهي. سندس دل ۾ بزرگن جي زيارت ۽ بيعت ڪرڻ جي امنگ پيدا ٿي ۽ پوءِ پاڻ قاضي دين محمد سان گڏجي هالاڻي اچي پير قريشيءَ سان بيعت ڪيائين.
پير قريشيءَ جي وفات 28 نومبر 1935ع تي ٿي. پير بخش غفاريءَ انهيءَ ئي سال پنھنجي ڳوٺ خانواهڻ ۾ پنھنجي پوري خاندان سميت بيعت ڪئي. سندس صلاحيت، تقويٰ ۽ تبليغ جو جذبو ڏسندي پير مٺا سائينءَ چئن سالن کان پوءِ کيس خلافت سان نوازيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.03.10  عيسوي

خواجه الله بخش غفاري عرف سهڻا سائين ولد حضرت محمد مٺل حضرت پير مٺا سائينرحه جي ولادت شهر خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ 10 مارچ 1910ع تي ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پال سيزان
انور الدين شيخ
زرداري مٺا خان
رگهورام سنت
ڊيلز جارج فرينڪلن
مائي ڀاڳي
اختر ڪاڪيپوٽو
سهراب خان ٽالپر مسڪين
سيد عبدالڪريم رضوي حڪيم
وفا اسلم شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون