خودمختياري (Sovereignty): ڪنهن بہ علائقي جي آزاديءَ يا رياست جي با اختيار هئڻ کي رياستي خودمختياري چئبو آهي. خودمختياريءَ جي ضرورت ۽ ان جو تصور سڀ کان پهرين ٻن يوناني فلسفين، سقراط ۽ هوبس ڏنو. اقوام متحدہ مطابق هڪ خودمختيار رياست لاءِ ڪنهن مخصوص علائقي ۾ هڪ مؤثر ۽ آزاد حڪومت جي ضرورت هوندي آهي. اڄڪلھہ جي قانون مطابق هڪ خودمختيار رياست لاءِ هڪ مؤثر ۽ آزاد حڪومتي نظام جو هئڻ لازمي آهي، جيڪو اتي رهندڙ ماڻهن لاءِ موزون هجي. صدين کان وٺي اهڙي رياست کي آزاد ۽ خودمختيار سڏيو پئي ويو آهي، جيڪا پنھنجي شهرين جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي. ان کانسواءِ جيڪا رياست انهن تقاضائن تي پوري نہ ٿي لهي، ان رياست کي خودمختيار رياست نٿو چئي سگهجي. خودمختياريءَ جي تصور تي منڍ کان وٺي بحث ۽ مباحثا ٿيندا پيا اچن، وقت سان گڏ اِن جي وصف ۽ تصور ۾ وڏي تبديلي آئي آهي.
خودمختياريءَ جي وصف ۾ وڏي تبديلي سجاڳيءَ واري دور
(The age of Enlightment) دوران آئي. عالمي سطح تي رياستي خودمختياريءَ جا بنيادي نقطا هيٺيان آهن:
علائقائي سالميت (Territorial Integrity)
سرحدي احترام (Border Inviolability)
رياستي بالادستي (Supremacy of the State)
رياست/ ملڪ جو اڳواڻ پنھنجي حد اندر هر قانون ٺاهڻ جو اختيار رکندو.
(Sovereign is the Supreme Law Making, Authority within its Jurisdiction.)
مختلف تهذيبن ۽ حڪومتن ۾ خودمختياريءَ بابت مختلف تصور هن ريت رهيا آهن:
ڪلاسيڪي دور (Classical Period): رومن قانوندان الپئن (Ulpain) جو تصور هو تہ: (1) عوام جو سمورو اختيار بادشاھہ وٽ هجي. (2) بادشاھہ هر قانون کان بالاتر هجي. (3) بادشاھہ جو هر لفظ قانون هجڻ گهرجي. بادشاھہ قانون ٺاهي ۽ لاڳو بہ ڪري. ائين چئجي تہ هيءُ دؤر بادشاھہ کي مڪمل اختيار ڏيڻ جي حق ۾ هو.
وچون دؤر (Medieval Age): وچئين دؤر ۾ آئيني حق شهنشاهن ۽ نوابن وٽ هئا ۽ ماڻهن کي پنھنجي زندگي مرضيءَ سان گذارڻ جو پورو حق هو.
سورهين صدي عيسويءَ واري مذهبي تحريڪ جو دؤر (Reformation): سورهين صدي عيسويءَ ۾ خودمختياري هڪ نئين تصور طور سامهون آئي. هيءُ اهو وقت هو، جڏهن ”گهرو ويڙھہ“ جي ڪري هڪ مضبوط مرڪزي حڪومت ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ٿي. ان دؤر ۾ سڀ شهنشاھہ، نوابن جي مدد سان ڪل اختيار پنھنجي هٿن ۾ رکڻ لڳا ۽ جديد قومي رياست جو تصور نمايان ٿيو.
ٿامس هوبس، رياستي خودمختياريءَ متعلق ڪجهہ نظريا پيش ڪيا. هن پنهنجن نظرين ۾ مڪمل شهنشاهيت (Absolute Monarchy) کي مرڪزي حڪومت سان مضبوط بنائڻ تي زور ڏنو. هن وڌيڪ لکيو تہ:
شهنشاھہ/ اڳواڻ بنا ڪنهن شرط جي قانون ٺاهڻ ۾ مڪمل اختيار رکي، ان ڏس ۾ هن کي پنھنجي عوام يا وزيرن کان اجازت وٺڻ جي ڪا بہ ضرورت نہ آهي؛ شهنشاھہ ڪنهن مئجسٽريٽ/ رياستي حڪمران وانگر هنگامي حالتن ۾ صرف مضبوط اڳواڻ نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو مڪمل اختيار رکي ٿو، جيڪڏهن ان جي مٿان ڪا رڪاوٽ مڙهي وڃي تہ هو “Absolute Power” يعني ’مڪمل اختيار‘ نہ ٿيندو.
ناليواري فلاسافر بودن (Bodin)، ماڻهن کان شهنشاھہ ڏانهن منتقل ڪرڻ واري خودمختياريءَ جي نظريي کي رد ڪيو هو. ان خيال جو هو تہ قانون قدرت، شهنشاھہ کان افضل آهي. اهڙيءَ طرح بودن، ﷲ تعاليٰ طرفان اڳواڻ/ شهنشاھہ کي خودمختياريءَ جي قانون جي مليل حقن جي
چٽيءَ طرح وضاحت ڪئي.
سجاڳيءَ جو دؤر (Age of Enlightment): 1651ع ڌاري هوبس (Hobbes) ’عمراني معاهدي جو نظريو‘ ‘Social Contract Theory’ پيش ڪيو. هن نظريي ۾ هن وضاحت ڪئي تہ هڪٻئي جي تعاون کانسواءِ زندگي بي معنيٰ آهي. جنهنڪري قومون، دولت مشترڪه (Common Wealth) ۾ شامل ٿي، پنهنجا سڀ اختيار تنظيم کي سونپين، جيڪا کين گڏيل خير سگالي قائم ڪرڻ تي مجبور ڪندي. هوبس جو اهو رايو اوائلي خودمختياريءَ جي پرچار ڪرڻ وارن کي پسند پيو. هوبس پنھنجي نظريي تحت خودمختياريءَ جي وصف ڪندي وضاحت ڪئي تہ صرف شهنشاھہ ئي پنھنجي علائقي ۾ بااختيار هوندو ۽ ساڻس اختيارن ۾ ٻيو ڪو بہ شريڪ نہ هوندو.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تہ هوبس ۽ بودن جي نظرين خودمختياريءَ جي مفهوم ۽ وصف کي اصل شڪل ڏني. ان کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي فلاسافرن رياستي خودمختياريءَ تي پنهنجا جدا جدا نظريا ڏنا آهن. جن ۾: جين جئڪس روسو ۽ ان جي ‘Popular Sovereignty’، فرسڪسوسيورز جي ‘Theory of Origin of Power’؛ مئڪاوليءَ، جان لاڪ، مونٽسڪي ۽ ٻين اهم فلاسافرن خودمختياريءَ جي تصور کي پنهنجن نظرين ذريعي وڌيڪ ظاهر ڪري سمجهايو آهي. جين جئڪس روسو پنھنجي ڪتاب “Du Contract Social, Ou Principles du driot Politique (1762)” ۾ خودمختياريءَ ۽ ان جي حقن بابت لکي ٿو تہ: ”خودمختياري يا عوام جي راءِ ڪنهن کي منتقل ڪري ئي نٿي سگهجي. Will يعني عوامي راءِ، ناقابل تقسيم (Undivisible) هوندي آهي، جيئن تہ اها عوام جي گڏيل راءِ هوندي آهي، ان ڪري هميشہ صحيح هوندي آهي. اها عوامي راءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي. قانوندان بااختيار نہ هجڻ گهرجي، هن جو ڪم صرف ضروري قانوني اصلاح ڪرڻ هجي، پر مڪمل خودمختيار عوام هجڻ گهرجي.
ان کانسواءِ 1789ع واري فرينچ انقلاب کان پوءِ ’رياستي خودمختياري‘، خودمختيار اڳواڻ کان قوم کي منتقل ٿي وئي.
مختصر طور اهو چئي سگهجي ٿو تہ معنيٰ يا مقصد جي لحاظ کان خودمختياريءَ جهڙو ٻيو ڪو اهڙو تڪراري تصور نہ آهي. اها هڪ حقيقت آهي تہ هي اصطلاح جڏهن کان علم سياست ۾ متعارف ٿيو آهي، ان کان وٺي اڄ تائين ان جي عالمي سطح تي ڪا هڪ قابل قبول وصف نہ ٺھي سگهي آهي.