خورشيد علي خان

خورشيد علي خان

خورشيد علي خان

خورشيد علي خان (راڳي): خانصاحب خورشيد علي خان ولد استاد ڪرم الاهي قريشيءَ جو جنم 1930ع ڌاري ڳوٺ ڌونڪل، تعلقي وزيرآباد، ضلعي گجرانوالا پنجاب ۾ ٿيو. سندس ڇٺيءَ جو نالو خوشي خان هو خانداني ڪرت موجب استاد خورشيد علي خان کي بہ طبلي ٺاهڻ واري هنر طرف رغبت ڏياري وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پهريان طبلا ساز ۽ بعد ۾ طبلا نواز پڻ ٿيو، جنهنڪري کيس برصغير جي ڪيترن ئي ڪلاڪارن سان طبلي تي سنگت ڪرڻ جو کيس موقعو مليو. استاد خورشيد علي خان جي خاندان ۾ طبلا ساز يا طبلا نواز تہ کوڙ فرد هئا، پر کانئس اڳ گائيڪيءَ واري ڪرت سان ڪوئي بہ سلهاڙيل نہ هو. سندس چاچي فيروز خان ‘خوشي خان’ مان ڦيرائي ‘خان '>خورشيد علي خان ’ نالو رکيو. راڳ جي حاصلات واسطي عملي قدم کڻندي فيروز خان پنھنجي ڀائيٽي کي گجرانوالا مان امرتسر (هندستان) وٺي ويو، جتي پنھنجي وقت جي مشھور گوئيي استاد ڀائي لال جي استاديءَ ۾ آندو.
استاد ڀائي لال جي سرپرستيءَ ۾ رات ڏينهن خورشيد علي خان هڪ گائيڪ جي روپ ۾ نکري نروار ٿيو. استاد ڀائي لال جو هڪ فرزند شگن لال ان وقت آل انڊيا ريڊيو جو هڪ عملدار هو، جنهن جڏهن خورشيد علي خان جو راڳ ٻڌو ۽ کيس ريڊيو راولپنڊيءَ طرف موڪليو، جتي هو آڊيشن ڏيئي پاس ٿيو ۽ پهريون ڀيرو استاد خورشيد علي خان جو آواز ريڊيو تي متعارف ٿيو. هي استاد خورشيد علي خان امرتسر مان لاهور لڏي آيو.استاد سلامت علي خان'> استاد سلامت علي خان ۽ سندس ڀاءُ استاد نزاڪت علي خان کي استاد تسليم ڪيو ۽ سندن نگرانيءَ ۾ گهڻي محنت ڪئي. اهڙي طرح استاد خورشيد علي خان سندن سرپرستيءَ ۾ رهي، اڪيلي سر تانپوري ۽ سرمنڊل تي ڪلاسيڪل راڳ جون بندشون آلاپي، سرن جو جادو جاڳائيندو رهيو. ڪلاسيڪل انگ ۽ ڪلاسيڪل راڳ تي آڌاريل اوکين بندشن جي گائيڪي استاد خورشيد علي خان جي اولين سڃاڻپ هئي، پر ڪن سببن جي ڪري ڪافي ۽ ڪلام جي گائڪيءَ تائين محدود رهيو. 1977ع ڌاري اتر سنڌ ۾ شھدادڪوٽ لڳ سيد حاڪم علي شاھہ پٽ واري جي سالياني عرس جي موقعي تي، پنجاب جو ناليوارو ڪافي گو گلوڪار حسين بخش ڍانڍي آيل هو، جتي خانصاحب استاد خورشيد علي خان بہ پهتو. ان ميلي ۾ موجود پانڌيئڙن توڙي گادي نشينن پاران هنن ٻنهي راڳين کي گڏ ڳارايو ويو ۽ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو هڪ مقابلو ڪرايو. جيئن تہ هي ٻئي ناليوارا ۽ وڏا گويا هئا، جنهن سبب ٻنهي جي ادائيگي باڪمال رهي. نيٺ استاد خورشيد علي خان اهڙي جوش ۽ جگر سان تانون هنيون، جو هلندڙ محفل ۾ کيس رت جون الٽيون اچي ويون. جنهن بعد ڊاڪٽرن کيس ڳائڻ کان منع ڪيو. ان کانپوءِ استاد خورشيد علي خان سرمنڊل جي سنگت کي ڇڏي، هارمونيم تي ڪافي ۽ ڪلام جي ڳائيندو هو.
استاد خورشيد علي خان 1974ع ۾ ‘الشهباز آرٽس ڪائونسل، روهڙي ’ نالي راڳ سيکارڻ جي هڪ اڪيڊميءَ جو بنياد رکيو، جتي ڪيترن ڳائڻن کي سکيا ڏنائين. سندس لائق شاگردن ۾ غلام علي ڀٽ، مور فقير، سيد غلام رضا شاھہ، مريد علي ميتلو، غلام علي سنديلو، بشير خان، غلام سرور ڀٽ، محڪم الدين منگي (رتيديري وارو) وغيرہ قابل ذڪر آهن.
هن زندگيءَ ۾ ٻہ شاديون ڪيون، جن مان کيس چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد هو. سنڌ ۾ رهڻ باوجود سندس اهل و عيال ۽ گهر ڀاتي لاهور ۾ رهندا هئا، هن پهرين آگسٽ 1985ع تي روهڙي شھر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ روهڙي شھر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو