
خورشيد قائمخاني
خورشيد قائمخاني: اردو ۽ سنڌيءَ جو مشھور ليکڪ ۽ ڪالم نگار، خورشيد قائمخاني، سيپٽمبر 1933ع ڌاري راجسٿان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. 1947ع جي ورهاڱي وقت سندس گهراڻو اُن علائقي ۾ موجود هو، جيڪو موجودہ ’پاڪستان‘ ۾ شامل هو. خورشيد قائمخانيءَ 1946ع ۾ پرائمري تعليم سوائي ماڌوسنگهہ پرائمري اسڪول، سيڪر (راجسٿان) مان ورتي، ان بعد سندس خاندان ٽنڊي الهيار، سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. 1948ع ۾ مڊل اسڪول ٽنڊي الهيار مان اٺون ڪلاس پاس ڪيائين، مئٽرڪ 1951ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان ڪيائين. ڪجهہ وقت گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري، حيدرآباد ۾ پڙهڻ کان پوءِ 1958ع ۾ ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان گرئجوئيشن ڪيائين، ڪيولري فوج ۾ ڪميشن آفيسر بڻيو، پر کيس ملٽري سروس ڀانءِ نہ پئي، ڇو تہ هو ان خيال جو هو تہ فوج جا ڪجهہ آفيسر سياست ۾ ملوث ٿي رهيا آهن. 1970ع ۾ جڏهن سينيئر ميجر جي عهدي تي هو تہ هن جنرل نيازيءَ کي پنھنجي استعيفا پيش ڪئي، جنهن جو ڪارڻ اوڀر پاڪستان ۾ هٿين خالي بنگالي عوام خلاف جنرل يحيٰ خان جي فوجي ڪارروائي هئي. هن جي استعيفا جي ڪري جنرل نيازيءَ سندس پينشن روڪي ڇڏي ۽ ائين هو پندرهن ورهين جي سروس کي ڇڏي خالي هٿين واپس گهر موٽي آيو. ان کان پوءِ سياحت ۽ آزاد صحافت سندس وڻندڙ وندر ۽ ڪِرت بنجي وئي. هن ڌرتيءَ جي پيڙيل ماڻهن بابت لکڻ پنهنجو شيوو بنائي ڇڏيو آهي. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ مضمون، سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهندا آهن. سندس اردو ڪتاب ’ڀٽڪتي نسلين‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’ڀٽڪندڙ نسل‘ جي نالي سان روشني پبليڪيشن شايع ڪيو آهي، جنهن تي کيس سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو اوارڊ مليل آهي. ان کان سواءِ سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’سپيان اور پٿر‘ (اردو: 1996ع) ۽ ’سپنن جو ڏيھہ‘ (سنڌي ترجمو: 2005ع)، ’پرھہ جو پانڌيئڙو‘ (سنڌي ترجمو: 2008ع) شامل آهن.
هن وقت ٽنڊي الهيار ۾ رهائش پذير آهي ۽ سياحت جي حوالي سان پاڪستان جا سمورا علائقا، خصوصاً اتريان علائقا گهمي چڪو اهي. راجسٿان، آفريڪا ۽ آمريڪا جا بہ چڪر هڻي آيو آهي. هن جوڳين، سامين، شيدين ۽ ٻين هيٺين طبقي جي ذاتين تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سنڌيءَ ۾ ’دلت ادب‘ نالي سان بہ هڪ رسالو روشني پبليڪيشن جي سهڪار سان ڪجهہ سالن کان ڪڍندو رهيو آهي.