خوشيرام، منشي: منشي خوشيرام مير غلام علي خان ٽالپر جي دور ۾ درٻار جو رڪن ٿيو ۽ پنھنجي لياقتن سبب ترقي ڪري ميرن جو صلاحڪار بڻيو. درٻار ۾ هن جو ڪردار اهو رهيو تہ جڏهن شاھہ شجاع الملڪ شڪارپور تي قبضو ڪيو تہ منشي خوشيرام ڪيترا دفعا شاھہ شجاع سان ملاقات ڪري، سندس ارادن کان ٽالپر حڪمرانن کي اچي آگاھہ ڪندو هو. مير غلام علي خان جي وفات کان پوءِ مير ڪرم علي خان تخت نشين ٿيو، تہ ان بہ خوشيرام کي وڏي عزت سان پنھنجي خاص مصاحبن ۾ شامل ڪيو. منشي خوشيرام پنھنجي سياسي تدبر ۽ تدبيرن جي ڪري ڪافي مشھور هو. کيس خيرپور جي ٽالپرن طرفان وڏي عهدي جي آڇ بہ ٿي، پر هن انڪار ڪيو ۽ آخر تائين حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن سان وفادار رهيو.