خوشي ڪي مٽائي

خوشي ڪي. مٽائي: مشھور سنگيت ڪار ۽ گائڪ خوشي. ڪي. مٽائي، 5 جون 1941ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي وقت 7 سالن جي عمر ۾ مائٽن سان گڏجي ٿاڻي (مهاراشٽر) ضلعي جي ڪلياڻ ڪئمپ ۾ وڃي رهيو، جيڪا اڳتي هلي الهاس نگر سڏي وئي. خوشي ڪي. مٽائيءَ کي ننڍي هوندي کان ئي موسيقيءَ ۽ راڳ سان وڏي دلچسپي هئي ۽ ان دلچسپيءَ کيس وڏو اداڪار، سنگيت ڪار ۽ گائڪ بنايو. هن جون هن ميدان ۾ وڏيون خدمتون آهن. ابتدا ۾ اداڪار طور سورٺ ۽ راءِ ڏياچ ناٽڪن ۾ ڪم ڪيائين. هن گائڪ ۽ سنگيت ڪار جي حيثيت ۾ ڪيترا گيت ڪمپوز ڪيا آهن. آل انڊيا ريڊيو جو ڪجهہ عرصو انائونسر بہ رهيو. سندس ڳايل ۽ ڪمپوز ڪيل گيت آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تان نشر ٿي وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. خوشي ڪي. مٽائي، سنڌي موسيقي ۽ راڳ جو هند ۾ وڏو نالو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.06.05  عيسوي

مشهور سنگيت ڪار ۽ گائڪ خوشي. ڪي. مٽائي، 5 جون 1941ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ جنم ورتو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بينجمن سسٽرز
استاد احمد خان
صنم مارئي
خادم حسين سمو
ديدار حسين خان
امام ماڇياڻي
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
دين محمد خان استاد
استاد يوسف کٽي
غلام قادر شيخ
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون