خوش خير محمد هيسباڻي مقبرو

خوش خير محمد هيسباڻي مقبرو

خوش خير محمد هيسباڻي

خوش خير محمد هيسباڻي: مشهور صوفي ۽ عوامي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ ٽالپرن جي دور ۾ 1224هه/ 1809ع ڌاري ڳوٺ گل محمد هيسباڻيءَ (تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور) ۾ جنم ورتو هو. هو رئيس غلام قادر هيسباڻيءَ جو فرزند هو. سندس وڏا اصل ساهيوال جا ويٺل هئا ۽ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي سان گڏ سنڌ ۾ آيا. خوش خير محمد هيسباڻيءَ شروعاتي تعليم ڀؤنرن جي ڳوٺ ۾ آخوند علي بخش گاڏهيءَ جي مدرسي ۾ ورتي، ان مدرسي ۾ هن قرآن شريف ۽ ڪجهه فارسيءَ جا ڪتاب پڙهيا. ويهن سالن کان پوءِ ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ لڏي آيو ۽ مولوي محمد قدوس وٽ تعليم مڪمل ڪيائين. خوش خير محمد هيسباڻي، نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ پير شهاب الدين جي فرزند پير عبدالحئيءَ جو طالب هو. ڪن سوانح نگارن موجب، خير محمد جي وڏن جي نوشهري فيروز جي نقشبندي پير شهاب الدين جي درگاهه سان عقيدت هئي ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو پير شهاب الدين جي فرزند پير عبدالحئي سان گهرو تعلق هو ۽ ڪي لکن ٿا ته خير محمد هيسباڻيءَ جو ان درگاهه سان تعلق عثمان فقير سانگيءَ جي اثر هيٺ ٿيو. هن ڪيترين ڪافين ۾ پنهنجي مرشد عبدالحئي سان عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.
ڪجهه سال پنهنجي رهبر پير عبدالحئي جي خدمت ۾ گذارڻ بعد صوفي خير محمد حج جي سفر تي روانو ٿيو. اتان موٽڻ بعد سندس مرشد عبدالحئي وفات ڪري ويو ۽ شاهه نصير ننڍيءَ عمر ۾ گاديءَ تي ويٺو. عثمان سانگي ۽ خوش خير محمد هيسباڻي ننڍي شاهه نصير جي سنڀال ۽ تربيت لاءِ نوشهري اچي رهيا. شاهه نصير کي ننڍي هوندي کان ئي هن بيمثال صوفي شاعر جي رهنمائي حاصل ٿي ۽ اڳتي هلي شاهه نصير سنڌ جي صوفياڻي شاعريءَ تي اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن.
خوش خير محمد هيسباڻي، سچل سرمست جي صوفياڻي مڪتبهء فڪر سان تعلق رکندو هو. سندس زماني تائين سچل سرمست سنڌي ڪافيءَ کي ڪيتريون نيون هيئتون ڏئي چڪو هو. شاهه جي شاعريءَ کان پوءِ سنڌي شاعري ارتقا جو ٻيو اهم ڏاڪو چڙهي چڪي هئي.
خوش خير محمد به سچل جي ورثي صوفياڻي رنگ ۽ بيخوديءَ واري شاعريءَ کي اڳتي وڌايو ۽ ڪافيءَ کي نوان رنگ ڏنا. هي دور سنڌي ڪافيءَ جي اڀار جو دور هو. ان دور ۾ اتر توڙي لاڙ سنڌ ۾ ڪافيءَ جا وڏا شاعر هئا. هڪ طرف بيدل، نانڪ يوسف ۽ حمل فقير هئا، ٻئي طرف قطب شاهه ۽ پير اشرف شاهه ڪاماري وارو ڪافيءَ ۾ نوان رنگ ڀري رهيا هئا. صوفي خوش خير محمد جي ڪافي ڪمال جي آهي. هن سچل کان پوءِ بيدل جو اثر ورتو ۽ صوفي شاعرن ۾ اهم مقام حاصل ڪيو.
صوفي خير محمد جي حياتيءَ ۾ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ انگريزن جي غلاميءَ جو ڳٽ پيو. خيرپور جي مير علي مراد، انگريزن جو حامي ٿي انعام طور خيرپور رياست حاصل ڪئي. خوش خير محمد جي چاچي راوت خان جا مير علي مراد سان واسطا هئا. هن خير محمد هيسباڻيءَ کي پنهنجي قريب آڻي کيس ’ڪاردار‘ بنايو، پر جيئن ته هو آزاد طبع ۽ صوفي مزاج شخص هو، ان ڪري ان ڪارداريءَ جو ڳٽ ترت ئي ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪيائين. چون ٿا ته خير محمد عملي سان گڏ تڳڙن ڀرسان پهتو ته هڪ پوڙهي عورت کي ڏٺائين، جنهن مٽرن جي ڀري کڻائڻ لاءِ ماڻهن کي سڏ پئي ڪيا. خير محمد کي رحم آيو ۽ گهوڙي تان لهي پوڙهي عورت کي ڀري کڻائڻ لڳو ته پوڙهي عورت کيس حيرت مان ڏسي چيو ته ”اوهان ته سرڪاري ڪامورا آهيو، مون ڪنهن ماڻهوءَ کي پئي سڏيو“، پوڙهيءَ جي لفظن خير محمد هيسباڻيءَ جي دل تي وڏو اثر ڪيو ۽ بعد ۾ سرڪاري نوڪريءَ جو ڳٽ اڇلي، نوشهري فيروز جي پير شهاب الدين جي فرزند عبدالحئي کان وڃي فيض ورتائين. ائين شاهه نصير، عثمان فقير سانگي ۽ همعصرن سان گڏ سنڌي صوفي شاعريءَ ۾ وڏو مقام ماڻيائين. سندس ڪلام سلاست، سادگي، ترنم ۽ وجداني ڪيفيتن جو مخزن آهي.
خوش خير محمد هيسباڻيءَ، 2 محرم 1294هه/ 17 جنوري 1877ع تي ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي، جتي ئي کيس دفن ڪيو ويو. جڏهن ٽڳڙن جي ڳوٺ کي درياهه پائڻ لڳو ته سندس جسد خاڪيءَ کي ڪڍرائي، خيرپور ضلعي ۾ ڪرونڊيءَ ڀرسان دفنايو ويو، جيڪو ڳوٺ اڄ تائين ’خوش خير محمد هيسباڻيءَ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، جتي سال به سال 17، 18، 19 ذوالحج تي ميلو لڳي ٿو ۽ صوفي ڪلامن جي محفل مچي ٿي.


لفظ خوش خير محمد هيسباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1877.01.17  عيسوي

خوش خير محمد هيسباڻيءَ، 2 محرم 1294هه/ 17 جنوري 1877ع تي ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي،



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سعدي شيرازي
خطائي ٿيٻو
خسته نور محمد
طالب لغاري
پلي مل محمود
بولچند مورومل کٽواڻي
مير ڪرم علي خان ٽالپرڪرم
عمر خيام
بشير سيتائي
سوامي بسنت رام
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون