خوش خير محمد هيسباڻي مقبرو

خوش خير محمد هيسباڻي مقبرو

خوش خير محمد هيسباڻي

خوش خير محمد هيسباڻي: مشھور صوفي ۽ عوامي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ ٽالپرن جي دور ۾ 1224ھہ/ 1809ع ڌاري ڳوٺ گل محمد هيسباڻيءَ (تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور) ۾ جنم ورتو هو. هو رئيس غلام قادر هيسباڻيءَ جو فرزند هو. سندس وڏا اصل ساهيوال جا ويٺل هئا ۽ ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي سان گڏ سنڌ ۾ آيا. خوش خير محمد هيسباڻيءَ شروعاتي تعليم ڀؤنرن جي ڳوٺ ۾ آخوند علي بخش گاڏهيءَ جي مدرسي ۾ ورتي، ان مدرسي ۾ هن قرآن شريف ۽ ڪجهہ فارسيءَ جا ڪتاب پڙهيا. ويهن سالن کان پوءِ ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ لڏي آيو ۽ مولوي محمد قدوس وٽ تعليم مڪمل ڪيائين. خوش خير محمد هيسباڻي، نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ پير شھاب الدين جي فرزند پير عبدالحئيءَ جو طالب هو. ڪن سوانح نگارن موجب، خير محمد جي وڏن جي نوشهري فيروز جي نقشبندي پير شھاب الدين جي درگاھہ سان عقيدت هئي ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو پير شھاب الدين جي فرزند پير عبدالحئي سان گهرو تعلق هو ۽ ڪي لکن ٿا تہ خير محمد هيسباڻيءَ جو ان درگاھہ سان تعلق عثمان فقير سانگيءَ جي اثر هيٺ ٿيو. هن ڪيترين ڪافين ۾ پنھنجي مرشد عبدالحئي سان عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.
ڪجهہ سال پنھنجي رهبر پير عبدالحئي جي خدمت ۾ گذارڻ بعد صوفي خير محمد حج جي سفر تي روانو ٿيو. اتان موٽڻ بعد سندس مرشد عبدالحئي وفات ڪري ويو ۽ شاھہ نصير ننڍيءَ عمر ۾ گاديءَ تي ويٺو. عثمان سانگي ۽ خوش خير محمد هيسباڻي ننڍي شاھہ نصير جي سنڀال ۽ تربيت لاءِ نوشهري اچي رهيا. شاھہ نصير کي ننڍي هوندي کان ئي هن بيمثال صوفي شاعر جي رهنمائي حاصل ٿي ۽ اڳتي هلي شاھہ نصير سنڌ جي صوفياڻي شاعريءَ تي اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن.
خوش خير محمد هيسباڻي، سچل سرمست جي صوفياڻي مڪتبهء فڪر سان تعلق رکندو هو. سندس زماني تائين سچل سرمست سنڌي ڪافيءَ کي ڪيتريون نيون هيئتون ڏئي چڪو هو. شاھہ جي شاعريءَ کان پوءِ سنڌي شاعري ارتقا جو ٻيو اهم ڏاڪو چڙهي چڪي هئي.
خوش خير محمد بہ سچل جي ورثي صوفياڻي رنگ ۽ بيخوديءَ واري شاعريءَ کي اڳتي وڌايو ۽ ڪافيءَ کي نوان رنگ ڏنا. هي دور سنڌي ڪافيءَ جي اڀار جو دور هو. ان دور ۾ اتر توڙي لاڙ سنڌ ۾ ڪافيءَ جا وڏا شاعر هئا. هڪ طرف بيدل، نانڪ يوسف ۽ حمل فقير هئا، ٻئي طرف قطب شاھہ ۽ پير اشرف شاھہ ڪاماري وارو ڪافيءَ ۾ نوان رنگ ڀري رهيا هئا. صوفي خوش خير محمد جي ڪافي ڪمال جي آهي. هن سچل کان پوءِ بيدل جو اثر ورتو ۽ صوفي شاعرن ۾ اهم مقام حاصل ڪيو.
صوفي خير محمد جي حياتيءَ ۾ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ انگريزن جي غلاميءَ جو ڳٽ پيو. خيرپور جي مير علي مراد، انگريزن جو حامي ٿي انعام طور خيرپور رياست حاصل ڪئي. خوش خير محمد جي چاچي راوت خان جا مير علي مراد سان واسطا هئا. هن خير محمد هيسباڻيءَ کي پنھنجي قريب آڻي کيس ’ڪاردار‘ بنايو، پر جيئن تہ هو آزاد طبع ۽ صوفي مزاج شخص هو، ان ڪري ان ڪارداريءَ جو ڳٽ ترت ئي ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪيائين. چون ٿا تہ خير محمد عملي سان گڏ تڳڙن ڀرسان پهتو تہ هڪ پوڙهي عورت کي ڏٺائين، جنهن مٽرن جي ڀري کڻائڻ لاءِ ماڻهن کي سڏ پئي ڪيا. خير محمد کي رحم آيو ۽ گهوڙي تان لھي پوڙهي عورت کي ڀري کڻائڻ لڳو تہ پوڙهي عورت کيس حيرت مان ڏسي چيو تہ ”اوهان تہ سرڪاري ڪامورا آهيو، مون ڪنهن ماڻهوءَ کي پئي سڏيو“، پوڙهيءَ جي لفظن خير محمد هيسباڻيءَ جي دل تي وڏو اثر ڪيو ۽ بعد ۾ سرڪاري نوڪريءَ جو ڳٽ اڇلي، نوشهري فيروز جي پير شھاب الدين جي فرزند عبدالحئي کان وڃي فيض ورتائين. ائين شاھہ نصير، عثمان فقير سانگي ۽ همعصرن سان گڏ سنڌي صوفي شاعريءَ ۾ وڏو مقام ماڻيائين. سندس ڪلام سلاست، سادگي، ترنم ۽ وجداني ڪيفيتن جو مخزن آهي.
خوش خير محمد هيسباڻيءَ، 2 محرم 1294ھہ/ 17 جنوري 1877ع تي ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي، جتي ئي کيس دفن ڪيو ويو. جڏهن ٽڳڙن جي ڳوٺ کي درياھہ پائڻ لڳو تہ سندس جسد خاڪيءَ کي ڪڍرائي، خيرپور ضلعي ۾ ڪرونڊيءَ ڀرسان دفنايو ويو، جيڪو ڳوٺ اڄ تائين ’خوش خير محمد هيسباڻيءَ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، جتي سال بہ سال 17، 18، 19 ذوالحج تي ميلو لڳي ٿو ۽ صوفي ڪلامن جي محفل مچي ٿي.


لفظ خوش خير محمد هيسباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1877.01.17  عيسوي

خوش خير محمد هيسباڻيءَ، 2 محرم 1294هه/ 17 جنوري 1877ع تي ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي،



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلبل رئيس شمس الدين
حاجي نور محمد شاھہ نورل
صابر ٿارياڻي
احمد فراز
افضل قادري
عبدالفتاح عبد بٺورائي
خادم حسين ابڙو
زين العابدين شاھہ زينل پير
زيدي مصطفيٰ
رمز علي فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون