خياري شريف کنياريون

خياري شريف/کنياريون: ضلعي نوابشاھہ ۾ خياري/کنياريون نالي ٻہ ڳوٺ مشھور آهن. هڪ تعلقي نوابشاھہ ۾ ’خياريون‘ يا ’کنياريون‘ نالي پراڻو ڳوٺ ۽ ٻيو تعلقي سڪرنڊ ۾ ’خياري شريف‘ جو نئون ڳوٺ.
ماضيءَ ۾ هن ڳوٺ جو اُچار ’کنياري‘ ڪيو ويندو هو، پر موجودہ دور ۾ عام لکپڙھہ ۾ خياري/خياريون ڪم اچي ٿو.
کنيارين/خيارين جو پراڻو ڳوٺ نوابشاھہ ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ اوڀر طرف هڪ ميل جي پنڌ تي ريلوي پٽڙيءَ جي ويجهو واقع آهي، جيڪو هاڻي ڳوٺ ’لونگ ڪيريو‘ سڏجي ٿو. جڏهن اڃا نوابشاھہ جو شھر بہ نہ ٻڌو هو تہ هتي ’کنياريون‘ ڳوٺ آباد هو.
انگريز سرڪار اوائل ۾ هن علائقي ۾ ضلعي حيدرآباد لاءِ ’کنياريون‘ نالي هڪ تعلقو قائم ڪيو هو، جيڪو پوءِ ’نصرت تعلقي‘ جي نالي سان سڏيو ويو. ان تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر 07-1906ع ۾ هن ڳوٺ ’کنياريون‘ ۾ هوندو هو، پوءِ ان کي نوابشاھہ شھر ۾ منتقل ڪري ’تعلقو نواب شاھہ‘ نالو ڏنو ويو. انگريزن هتي ابتدا ۾ ريلوي اسٽيشن بہ ٺاهڻ چاهي ٿي، جنهن جو ابتدائي تعميراتي ڪم بہ هليو هو ۽ اهڙا نشان هتي اڃا موجود آهن. بعد ۾ هڪ ميل اڳتي، ’نوابشاھہ‘ ريلوي اسٽيشن تعمير ڪئي وئي.
’خياري شريف‘ نالي نئون ڳوٺ، نوابشاھہ شھر کان ڏکڻ اولھہ طرف 7 ڪلو ميٽر پري، کڏهر روڊ سان تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي، جنهن جو ٻيو نالو ’ميان شورا‘ آهي. هتي مخدوم ميان محمد يوسف جي درگاھہ، عام زيارتگاھہ بڻيل آهي، درگاھہ جو گادي نشين نوجوان اديب حماد خياروي آهي، جنهن ’ح-خ‘ جي نالي سان هڪ ناول ’ڄام شوري جو ڀاڪر‘ لکيو آهي. هتي ناميارو عالم، سياسي، اڳواڻ ۽ حڪيم محمد معين کنياروي بہ ٿي گذريو آهي، جنهن سان گڏجي، 1920ع ۾ سائين جي. ايم سيد، ’لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس‘ ۾ شرڪت ڪئي هئي. نوابشاھہ جو مشھور استاد ۽ شاعر، ’ضياءَ خياروي‘ بہ هتان جو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو