خيال موسيقي

خيال (موسيقي): خيال جي لغوي معنيٰ ’تصور‘ آهي. هيءَ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي هڪ مقبول صنف آهي. خيال، راڳ ۾ تصور نه پر ڳائڻ جي انداز جو نالو آهي، جيڪو برجستين تانن، پلٽن ۽ مرڪن وغيره سان سينگاريل ٿئي ٿو. خيال جي گائڪي، آلاپ، اسٿائي ۽ انتري تي مشتمل هوندي آهي. خيال جي ابتڙ دُرپد ۾ مرڪن ۽ مينڍن جو استعمال منع ڪيل آهي. خيال جي ڳائڻ وقت ٻولن کي ڪنهن به قسم جي نکار ۽ سنوار سان پيش ڪرڻ لاءِ ڳائيندڙ تخليقي قوتن ۽ تخيل جي اُڏام ڏيکارڻ جو پورو موقعو ملندو آهي.
’خيال‘ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ جونپور جي آخري بادشاهه سلطان حسين شرقيءَ ايجاد ڪيو هو. امير خسرو کانپوءِ سلطان حسين شرقي ٻئي نمبر تي وڏو گائڪ مڃيو وڃي ٿو. توڙي ان وقت خيال جي گائڪي ايتري مقبول ٿي نه سگهي، پر ان کي باقاعدي صنف بنائڻ ۾ محمد شاهه رنگيلي جي درٻاري گائڪ نعمت خان سدا رنگ اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ دفعي سدا رنگ خان، محمد شاهه رنگيلي سان ناقدريءَ جي شڪايت ڪئي، جنهنڪري بادشاهه ناراض ٿي پيو ۽ کيس قيد ڪرائي ڇڏيائين. قيد واري عرصي ۾ سدا رنگ خان ڪيترن ئي راڳن جون بندشون تيار ڪيون، جڏهن محمد شاهه رنگيلي کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي ته هُو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس آزاد ڪري پنهنجي درٻار ۾ خاص مقرب مقرر ڪيائين. انهيءَ دور ۾ نعمت خان سدا رنگ ۽ سندس ٻئي ساٿي اُڌا رنگ گڏجي خيال جي گائڪيءَ کي راجائي صنف واري حد تائين پهچائي ڇڏيو.خيال جي گائڪيءَ ۾ سڀ کان پهريان آلاپ جو مرحلو ۽ اسٿائيءَ جو مرحلو ايندو آهي، اسٿائي شروع ڪرڻ کان اڳ، آلاپ راڳ جو مخصوص ماحول ۽ پسمنظر پيدا ڪري چڪو هوندو آهي. اسٿائيءَ کان ئي راڳ جي خاص بندش ڪئي ويندي آهي. راڳ جي اسٿائي ختم ٿيڻ سان ئي انترو يا راڳ جو عروج ٿيندو آهي. ان کان پوءِ خيال جو آخري حصو اڀوڳ ڳائي راڳ ختم ڪيو ويندو آهي. خيال ڳائڻ کي ’خيال گائڪي‘ چوندا آهن، پر جڏهن خيال سان ترانو ملائي ڳائبو آهي ته ان کي ’خيال نما‘ چئبو آهي.




هن صفحي کي شيئر ڪريو