خيبر جي جنگ (غزوه خيبر): اسلامي تاريخ ۽ عھد نبويءَ جي هڪ اهم جنگ ’خيبر جي جنگ‘ آهي، جيڪا ستين هجري مطابق 668ع ۾ لڳي.
عرب دنيا ۾ يهودين جي مضبوط ڳڙھہ هئڻ ڪري خيبر جي وڏي اهميت هئي. عھد نبويءَ ۾ مختلف هنڌن تان يهودي هتي اچي منتقل ٿيا. مديني مان نڪتل يهودي بہ اچي هتي وَسيا ۽ سندن چرچ تي ’خندق جي جنگ‘ لڳي هئي. خيبر جا يهودي، مسلمانن لاءِ مستقل خطرو بنجي چڪا هئا. ساڻن منهن ڏيڻ لاءِ ئي رسول اڪرمصه حديبيھ ۾ قريشن سان ان شرط تي ٺاھہ ڪيو هو تہ هو مسلمانن جي جنگين دوران غير جانبدار رهن.
يهودين ستين هجريءَ ۾ مسلمانن جي وڌندڙ طاقت کي ڏسي، ساڻن فيصله ڪُن جنگ ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جڏهن اها خبر حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي پئي تہ پاڻ جنگ جي تياريءَ جو فيصلو ڪيائون. هڪ مهيني اندر 1600 سپاهين جو لشڪر وٺي مديني مان نڪتا، جن ۾ 200 سوار بہ هئا.
پاڻ سڳورن پهريون پڙاءُ ’الصهباءِ‘ ۾ ڪيو، جتي يهودين جو مددو قبيلو ’غطفان‘ ساڻن ٽڪرايو، پر جلد ئي اُهي هٽي ويا. پاڻ سڳورا ٽي ڏينهن ’الرجيع‘ ۾ ترسڻ بعد خيبر روانا ٿيا. خيبر وارا مقابلي لاءِ ستن وڏن ۽ ڪيترن ننڍن قلعن ۾ قلعبند ٿي ويٺا. جتي کين منجنيقون بہ هيون. پيغمبر اسلام صلي ﷲ عليہ وسلم هن جنگ وقت پهريون ڀيرو هڪ جهنڊي جي تياريءَ جو حڪم ڏنو. جيڪو تيار ڪيو ويو.
مختلف تاريخدانن موجب ڏهن کان ويهن هزارن تائين يهودين جو لشڪر مسلمانن جي 600 کان 1500 تائين جي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار هو. حضرت علي رضہ جي اڳواڻيءَ ۾ ننڍا ننڍا قلعا تہ جلد ئي فتح ٿي ويا. ليڪن مکيہ قلعو ’قموص‘ هو، جو فتح ڪرڻ دشوار ٿي لڳو. حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن هڪ ٻئي پٺيان حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق رضي ﷲ تعاليٰ عنها کي قلعي جي فتح لاءِ مقرر فرمايو مگر يهودي پهلوان مرحب هن قلعي کي بچائڻ لاءِ زبردست ويڙھہ ڪئي. قلعو فتح ٿي نہ سگهيو. آخر حضور پاڪ جن جهنڊو حضرت علي المرتضيٰ جي هٿ ۾ ڏيئي قلعو فتح ڪرڻ لاءِ حڪم فرمايو. وڏي ويڙھہ کان پوءِ مرحب مارجي ويو ۽ قلعو حضرت عليعه فتح ڪري ورتو. هن غزوه ۾ 93 يهودي مارجي ويا ۽ 19 مسلمان شھيد ٿيا. يهودين مجبور ٿي صلح نامو موڪليو. آبادي لائق زمينن تي يهودين جو قبضو رهڻ ڏنو ويو. پر انهن تي شرط لاڳو ڪيو ويو تہ اهي پيداوار جو اڌ، هر سال مسلمانن کي ڏيندا رهندا. هن جنگ ۾ اسلامي لشڪر جي سوڀ ۽ صلح کان پوءِ رسول پاڪصه، يهودين کي وڌيڪ رعايتون ڏنيون. رسول پاڪ صہ خيبر جو علائقو 36 حصن ۾ ورهايو، اڌ حڪومت لاءِ رکيو ويو ۽ اڌ سپاهين ۾ ورهايو ويو. ان پسمنظر ۾ هر ايندڙ ڏينهن مسلمانن جي طاقت وڌندي وئي ۽ مسلمانن جي اتحاد ۽ ايڪي ۾ پڻ واڌارو ٿيو.