خيبر لڪ: دنيا جو مشهور خيبر لڪ، صوبي خيبرپختوخوا ۾ ڪوهه سليمان ۾ پشاور کان 11 ميلن جي پنڌ تي جمرود قلعي کان شروع ٿئي ٿو ۽ تورخم (افغان سرحد) تائين 35 ميلن تائين پکڙيل آهي. خيبر لڪ(دره خيبر) سان مختلف قومن، تهذيبن، فاتحن ۽ مذهبن جي بقا ۽ فنا، عروج ۽ زوال جي مڪمل تاريخ لاڳاپيل آهي. هن خطي جي جاگرافيءَ هن لڪ کي هڪ تاريخ ڏني آهي. 1600 ق. م ۾ آريا وچ ايشيا مان هلي هتان گذريا. ان کان هڪ هزار سال پوءِ 600 ق. م ۾ ايرانين به هن خطي تي حملي آور ٿيڻ لاءِ هيءُ ئي رستو اختيار ڪيو. 326ع ۾ سڪندراعظم، ان بعد چنگيز خان، امير تيمور ۽ سلطان محمود غزنويءَ جون فوجون به هن لڪ مان ئي گذريون. مغلن به خيبر لڪ جو رستو اختيار ڪيو ۽ ڪيترين صدين تائين هندستان تي قابض ٿي حڪومت ڪئي. اتر کان ايندڙ آخري فاتح احمد شاهه ابدالي به هن رستي سان آيو. انگريز پهريون ڀيرو هن لڪ مان 1839ع ۾ داخل ٿيا ۽ 1879ع ۾ آفريدين سان هڪ معاهدو ڪري ان جي ڪيترن حصن تي غلبو حاصل ڪيو ۽ پوءِ 1898ع ۾ پوري لڪ تي انگريزن جو تسلط قائم ٿي ويو. انگريزن 3500 فٽ بلند لڪ مان ريل گذارڻ جو ڪرشمي جهڙو ڪم ڪيو، هيءَ ريل جي پٽڙي لاڳيتو سرنگهن (Tunels) مان گذري پشاور کان 32 ميلن تي لنڊي ڪوتل وٽ ختم ٿئي ٿي، لنڊي ڪوتل کان طورخم تائين پڪو رستو وڃي ٿو. خيبر لڪ جو جابلو سلسلو ڪٿي ميلن جي پکيڙ رکي ٿو ته ڪٿي ايترو سوڙهو ٿي وڃي ٿو جو ان جي ويڪر رڳو 52 فوٽ رهجي وڃي ٿي. هنڌ ۽ سنڌ تي ڪابل-قنڌار کان ڪاهون ڪندڙ اڪثر لشڪر هن لڪ ذريعي هن ماٿريءَ ۾ آيا. ساڳيءَ ريت ڪيترا عالم، فاضل ۽ بزرگ پڻ هن لڪ ذريعي هن خطي ۾ وارد ٿيا.