خيرالدين شاهه بغدادي: شاهه خير الله عرف شاهه خير الدين، شاهه سيد احمد بغداديءَ جو فرزند ۽ حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. هو بغداد ۾ انهيءَ سال ڄائو، جنهن سال (911هه/ 1505ع) ۾ سنڌ ۾ مخدوم نوح رح جنم ورتو هو. اوائلي عمر ۾ بغداد مان مڪي شريف آيو ۽ پورا چوڏهن ورهيه حرمين شريفين ۾ تحصيل علم ڪندو رهيو. ’لب تاريخ‘ جي صاحب لکيو آهي ته هو صاحب جڏهن چاليهن سالن جو ٿيو، تڏهن مڪي شريف ۾ آيو. ان بعد کيس سنڌ جي سرسبز سرزمين ڇڪيو ۽ اچي مخدوم نوح جي صحبت ۾ هالڪنڍيءَ (هالن) ۾ رهيو. هتان فيض پرائي سکر طرف راهي ٿي، هڪ ٽڪريءَ تي عبادت الاهيءَ ۾ مشغول ٿيو. ڪتاب ’انيس الفقراءِ‘ ۾ آهي ته مخدوم نوح جي مريد درويش ذڪريا (اگهم ڪوٽ واري) سان شاهه خيرالدين ڏاڍيون محققانه صحبتون ڪيون.
شاهه خيرالدين جي خليفن مان مير معصوم جو پوٽو مير محمد ذڪريا، سيد نصيرالدين متعلوي، فقير سڌو ۽ فقير جمال الدين جا نالا خاص ذڪر جوڳا آهن. سيد نصيرالدين جي وفات بعد مخدوم نوح رحه جي خليفي درويش يحيٰ رانئٽي جي صحبت ۾ رهي فيض حاصل ڪيائين. آخري عمر ۾ ٽڪري ڇڏي، شاهه خيرالدين پراڻي سکر شهر ۾ انهيءَ هنڌ اچي رهيو، جتي سندس مقبرو آهي. اُتي ترخانن ۽ مغلن جا گهر هئا، جيڪي هنن شاهه صاحب کي نذراني طور ڏئي ڇڏيا. شاهه صاحب 27 رمضان 1027هه مطابق 17 سيپٽمبر 1618ع تي لاولد ٿي دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. شاهه خيرالدين جي وفات جي تاريخ هيٺئين قطعي جي آخري سٽ مان ملي ٿي:
شاهه خيرالدين مد بُرج شرف،
مقبل درگاهه ايزد سروري،
سال تاريخ وصالش عقل گفت،
”مرشد ڪامل طريقِ احمدي“
1027هه
جيئن ته شاهه خيرالدين کي پُٽاڻو اولاد ڪونه هو، ان ڪري سندس خليفي فقير جمال الدين جي اولاد مان سندس مجاور ٿيندا آيا. ميان غلام محمد، شاهه خيرالدين جي مزار تي ٺهيل ننڍي روضي کي ڊهرائي، موجود روضو تيار ڪرايو، جنهن جي تاريخ 1174هه مطابق 1760ع هئي. رمضان شريف جي 27 تاريخ تي سندس معتقدن جو وڏو اجتماع ٿيندو آهي. (حوالو: مخدوم نوح سرور جا سهيوڳيِ، پروفيسر محبوب علي چنا، ص: 02-101)
1617.09.17 عيسوي
شاهه خير الله عرف شاهه خير الدين27 رمضان 1027هه مطابق 17 سيپٽمبر 1618ع تي لاولد ٿي دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.