خيرالدين شاھہ بغدادي: شاھہ خير ﷲ عرف شاھہ خير الدين، شاھہ سيد احمد بغداديءَ جو فرزند ۽ حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. هو بغداد ۾ انهيءَ سال ڄائو، جنهن سال (911ھہ/ 1505ع) ۾ سنڌ ۾ مخدوم نوح رح جنم ورتو هو. اوائلي عمر ۾ بغداد مان مڪي شريف آيو ۽ پورا چوڏهن ورهيہ حرمين شريفين ۾ تحصيل علم ڪندو رهيو. ’لب تاريخ‘ جي صاحب لکيو آهي تہ هو صاحب جڏهن چاليهن سالن جو ٿيو، تڏهن مڪي شريف ۾ آيو. ان بعد کيس سنڌ جي سرسبز سرزمين ڇڪيو ۽ اچي مخدوم نوح جي صحبت ۾ هالڪنڍيءَ (هالن) ۾ رهيو. هتان فيض پرائي سکر طرف راهي ٿي، هڪ ٽڪريءَ تي عبادت الاهيءَ ۾ مشغول ٿيو. ڪتاب ’انيس الفقراءِ‘ ۾ آهي تہ مخدوم نوح جي مريد درويش ذڪريا (اگهم ڪوٽ واري) سان شاھہ خيرالدين ڏاڍيون محققانه صحبتون ڪيون.
شاھہ خيرالدين جي خليفن مان مير معصوم جو پوٽو مير محمد ذڪريا، سيد نصيرالدين متعلوي، فقير سڌو ۽ فقير جمال الدين جا نالا خاص ذڪر جوڳا آهن. سيد نصيرالدين جي وفات بعد مخدوم نوح رحه جي خليفي درويش يحيٰ رانئٽي جي صحبت ۾ رهي فيض حاصل ڪيائين. آخري عمر ۾ ٽڪري ڇڏي، شاھہ خيرالدين پراڻي سکر شھر ۾ انهيءَ هنڌ اچي رهيو، جتي سندس مقبرو آهي. اُتي ترخانن ۽ مغلن جا گهر هئا، جيڪي هنن شاھہ صاحب کي نذراني طور ڏئي ڇڏيا. شاھہ صاحب 27 رمضان 1027ھہ مطابق 17 سيپٽمبر 1618ع تي لاولد ٿي دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. شاھہ خيرالدين جي وفات جي تاريخ هيٺئين قطعي جي آخري سٽ مان ملي ٿي:
شاھہ خيرالدين مد بُرج شرف،
مقبل درگاھہ ايزد سروري،
سال تاريخ وصالش عقل گفت،
”مرشد ڪامل طريقِ احمدي“
1027ھہ
جيئن تہ شاھہ خيرالدين کي پُٽاڻو اولاد ڪونه هو، ان ڪري سندس خليفي فقير جمال الدين جي اولاد مان سندس مجاور ٿيندا آيا. ميان غلام محمد، شاھہ خيرالدين جي مزار تي ٺهيل ننڍي روضي کي ڊهرائي، موجود روضو تيار ڪرايو، جنهن جي تاريخ 1174ھہ مطابق 1760ع هئي. رمضان شريف جي 27 تاريخ تي سندس معتقدن جو وڏو اجتماع ٿيندو آهي. (حوالو: مخدوم نوح سرور جا سهيوڳيِ، پروفيسر محبوب علي چنا، ص: 02-101)
1617.09.17 عيسوي
شاهه خير الله عرف شاهه خير الدين27 رمضان 1027هه مطابق 17 سيپٽمبر 1618ع تي لاولد ٿي دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.