خيرو اوٺوال: خيرو اوٺوال، ڪلهوڙن جو مشھور سپھہ سالار ٿي گذريو آهي. ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مھر ڄاڻائي ٿو ته،”خيرو اوٺوال، جنهن کي تحقير وچان“ شتربان (جت) لکيو ويو آهي، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي طرفان نوشهري فيروز جو منتظم مقرر ٿيل هو. جڏهن ميان يار محمد خان ڪلهوڙي کي ’خدايار خان‘ جو خطاب، ’ماهي مراقـب‘ جو منصب ۽ چڱي دولت ملي وئي، تڏهن خيري اوٺوال پنھنجي طاقت جي زور تي چنا ذات جي ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، چنا ذات جي ماڻهن پريشان ٿي دائودپوٽن جي سردار امير محمد مبارڪ خان کي وڃي دانهن ڏني، امير محمد خان، خيري اوٺوال کي گهڻو سمجهايو، پر مٿس ڪو بہ اثر نہ ٿيو. آخر امير محمد مبارڪ خان نوشهري پرڳڻي جي شھر کاهيءَ تي حملو ڪري فتح ڪيو ۽ ان کانپوءِ برهمڻ آباد تي قبضو ڪري ورتو. ميان يار محمد ڪلهوڙي کي جڏهن خبر پئي تہ هڪدم خيرو اوٺوال کي گهرائي لشڪر گڏ ڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويو. خيرو اوٺوال ميان صاحب جي حڪم تي وڏو لشڪر جمع ڪيو. اها ڪشمڪش وڌندي وئي ۽ آخر ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جي وچ ۾ وڏي جنگ لڳي، جيڪا ڇھہ ڏينهن هلندي رهي. لاشن جا ڍير لڳي ويا. خـيرو اوٺوال جي سرڪردگيءَ ۾ سنجر خان، هوت خان فيروزاڻي، بخشي خان، مڌو خان علياڻي ۽ خان هالاڻي'>دلاور خان هالاڻي، دائود پوٽن طرفان بندوقن ۽ تلوارن سان دشمن تي ڪڙڪيا، ستين ڏينهن جڏهن لڙائي شروع ٿي ۽ ٻنهي ڌرين جا پهلوان هڪٻئي ۾ جنبي ويا، تڏهن دائود پوٽن جي سردار امير محمد کي خيال آيو تہ اسان ٻنهي ڌرين جو هڪڙو ئي خون آهي، انهيءَ ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙي ڏانهن صلح جو پيغام موڪليائين ۽ ائين صلح ٿي ويو. خيرو اوٺوال هن جنگ ۾ بهادريءَ جا زبردست جوهر ڏيکاريا. اها جنگ ميان يار محمد خان جي دؤر ۾ وقتي طور بند ٿي وئي، پر ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي دؤر ۾ وري اختلاف وڌي ويا، جنهنڪري ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، انهيءَ جنگ ۾ خيري اوٺوال کي مڌو خان قتل ڪري ڇڏيو.