خيرو درس: خيرو درس پنھنجي وقت جو ڪامل بزرگ هو. مخدوم نوحرحه جي هٿ تي بيعت ڪري معرفت ۽ حقيقت ڏانهن راغب ٿيو. خيرو درس شاعر بہ هو. هن لاءِ مشھور آهي تہ راتين جون راتيون جاڳي ڌڻيءَ جي عبادت ڪندو هو. اڪثر ماني بہ نہ کائيندو هو. بک ۽ رياضتن سبب سندس جسم هڏائين پڃري جو ڏيک ڏيندو هو. اڪثر جهنگ ۾ گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ڪي جيت ۽ ڪيڙا ماڪوڙا سندس بت تي چڙهي ويندا هئا، تہ بہ کيس انهن جي سڌ نہ پوندي هئي ۽ عشق الاهيءَ ۾ محو رهندو هو. روايت آهي تہ هن درس ۽ تدريس جو ڪم بہ ڪيو ۽ ڪيترا طالب پيدا ڪيا. خيرو درس حيدرآباد جي گنجي ٽڪر تي مدفن آهي.