خيرو درس: خيرو درس پنهنجي وقت جو ڪامل بزرگ هو. مخدوم نوحرحه جي هٿ تي بيعت ڪري معرفت ۽ حقيقت ڏانهن راغب ٿيو. خيرو درس شاعر به هو. هن لاءِ مشهور آهي ته راتين جون راتيون جاڳي ڌڻيءَ جي عبادت ڪندو هو. اڪثر ماني به نه کائيندو هو. بک ۽ رياضتن سبب سندس جسم هڏائين پڃري جو ڏيک ڏيندو هو. اڪثر جهنگ ۾ گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ڪي جيت ۽ ڪيڙا ماڪوڙا سندس بت تي چڙهي ويندا هئا، ته به کيس انهن جي سڌ نه پوندي هئي ۽ عشق الاهيءَ ۾ محو رهندو هو. روايت آهي ته هن درس ۽ تدريس جو ڪم به ڪيو ۽ ڪيترا طالب پيدا ڪيا. خيرو درس حيدرآباد جي گنجي ٽڪر تي مدفن آهي.