خيريءَ جي مسجد

خيريءَ جي مسجد: مائي خيريءَ جي مسجد حيدرآباد شھر ۾ موجود فقير جي پڙ واري علائقي ۾ موجود آهي. هن مسجد کي تعمير ڪرائيندڙ مائي خيرالنساءِ ٽالپر عرف مائي خيري هئي، جيڪا ميرصوبدار خان ٽالپر جي گهرواري ۽ ٽالپر گهراڻي جي پهرين چوياريءَ جي چئن حڪمرانن، مير فتح عـلـي خـان ٽـالپر، مـير غلام علي خان ٽالپر، مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر جي ماءُ هئي.مائي خيرالنساءِ پنھنجي نالي سان گهڻيون ئي مسجدون، مدرسا ۽ خيراتي دواخانا تعمير ڪرايا، سندس انهـن خـيـر جي ڪمن سبب کيس ’مائي خيري‘ سڏيو ويندو آهي. فقير جي پـڙ ۾ مـيـان فـقـير مـحمد جوڻيجي جي پڙ (امام بارگاھہ) جي ڀرسان مائي خـيـريءَ هـيءَ عـالـيـشـان مـسـجـد جوڙائي هئي ۽ ان جي تعمير 27 شعبان 1205ھہ/ پهرين مئي 1791ع ۾ مڪمل ٿي،
مـائـي خـيـريءَ گـڏوگـڏ هڪ مدرسو بہ جوڙايو هو، جنهن ۾ ايران جا وڏا عالم ديني تعليم ڏيندا هئا، هن مدرسي ۾ شاگردن جي رهائشگاھہ ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست مـفت هـونـدو هو. جـمـعـي جـي نـمـاز ۽ عيد واريـون نـمـازون ٽـالـپـر اميـر هـن ئـي مسجد ۾ اچي پڙهندا هئا. هن وقت مـسـجـد جـو ٻـاهريون ڏيک بلڪل تبديل ٿي ويو آهي، پراڻو لڳل ڪاٺ جـو عـالـيـشـان دروازو (ٽـڪ گـلـوڪـاريءَ جـو ڪـم ٿيل) ڪڍرائي ننڍو لـوھہ جـو دروازو هـڻايو ويو آهي ۽ بچيل جڳھہ تي دڪان ٺهرايا ويا آهن. مـائـي خـيـري پـهـرين رمـضـان الـمـبارڪ 1222ھہ / 2 نومبر 1807ع تي وفـات ڪـئـي. ڪُليـات مـائـل‘۾ سـنـدس وفات تي پنج قطعه تاريخون موجود آهن، جن مان هڪ هيءَ آهي:
چون شدي اين مقبولئه حق زين جھان
درجنان نزد بتول ذي العطام
سال ترحيلش سروش غيب گفت
”زيبد اين مقبوله با، خيرالنسا“.
1222ھہ


لفظ خيريءَ جي مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1791.05.01  عيسوي

فقير جي پـڙ ۾ مـيـان فـقـير مـحمد جوڻيجي جي پڙ (امام بارگاهه) جي ڀرسان مائي خـيـريءَ هـيءَ عـالـيـشـان مـسـجـد جوڙائي هئي ۽ ان جي تعمير 27 شعبان 1205هه/ پهرين مئي 1791ع ۾ مڪمل ٿي،



عبادتگاھ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سومناٿ مندر
راڄـپاري سـيدن واري مـسجـد
جامع مسجد پريالوءِ
شو مندر ملير
شري گرداس جو گردوارو شڪارپور
پنجه صاحب گردوار
سينٽ پال چرچ ڪراچي
شو مندر ٽنڊو محمد خان
ٻاگهلاڻي مسجد
ڪالڪان ديويءَ جو مندر
عبادتگاھ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون